راولپنڊي(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان جي ڀيڻ عليما خان چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي باني کي مائنس ڪيو پيو وڃي. پي ٽي آءِ جي باني جي ڀيڻ عليما خان، اڊياله جيل جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پي ٽي آءِ جي باني 26هين آئيني ترميم تي ڳالهه ڪئي آهي. هن ترميم جا نتيجا سامهون اچڻ شروع ٿي ويا آهن. هن چيو ته جيڪي اسمبليءَ ۾ ويٺا آهن، اهي چوري وارن ووٽن سان ويٺا آهن. پي ٽي آءِ جي باني چيو آهي ته ميڊيا جو آواز بند ڪيو ويو آهي. ۽ هاڻ 27هين ترميم آندي پئي وڃي. آهستي آهستي عوام جي آواز کي به بند ڪيو پيو وڃي .