پي ٽي آءِ پاران اسيمبلي ميمبرن کان ٻيهر حلف وٺڻ جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ/م ڊ) تحريڪ انصاف جي پارلياماني پارٽي مخصوص سيٽن بابت فيصلي کانپوءِ وفاداري تبديل ٿيڻ جي خدشي کي ڏسندي اسيمبلي ميمبرن کان هڪ ڀيرو ٻيهر حلف وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي. تحريڪ انصاف جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس سڀاڻي اسلام آباد ۾ طلب ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ سڀني قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن کي شرڪت جي هدايت ڪئي وئي آهي. پي ٽي آءِ ذريعن موجب اجلاس ۾ مخصوص سيٽن ۽ سياسي صورتحال تي مشاورت ڪئي ويندي، جڏهن ته تحريڪ انصاف ميمبرن کان ٻي پارٽي ۾ شموليت نه ڪرڻ جا حلف ناما وٺڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ خيبر پختونخواهه اسيمبلي جي 35 آزاد ميمبرن کان حلف ورتو ويندو، ياد رهي ته پي ٽي آءِ اليڪشن کان اڳ به اسيمبلي ميمبرن کان حلف ورتو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.