اهم حڪومتي اڳواڻ نظام مان مايوس، مارشل لا جا پڙاڏا

اسلام آباد (انيق ناجي) ملڪ ۾ جمهوريت جي تڏا ويڙه ۽ مارشل لا جي خطري بابت ڳڻتيون وڌي ويون آهن. ن ليگ اڳواڻ خواجا سعد رفيق چيو آهي ته ووٽ جي فيصلي کي عسڪري، سياسي ۽ عدالتي مداخلت کان پاڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي، موجوده نظام ڊليور ڪرڻ ۾ ناڪام آهي ۽ جيڪڏهن حالتون اهڙيون رهيون ته ملڪ کي هڪ ڊگهي رات ڏسڻي پوندي. ٻئي طرف مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته 80 واري ڏهاڪي ۾ پاڪستان کي افغان جهاد ۾ استعمال ڪيو ويو، جنهن سبب ملڪ ۾ منشيات، هٿيارن سميت ڪيترين برائين جو سيلاب آيو. هن خبردار ڪيو ته هاڻي چين خلاف ابراهيم اڪارڊ جي نالي تي پاڪستان کي ٻيهر استعمال ڪرڻ جي ڪوشش پئي ٿئي، پر اسان هن ڀيري دوکي ۾ نه اينداسين.ملڪ جي اهم اڳواڻن جي اهڙن بيانن مان ظاهر ٿئي ٿو ته جمهوريت کي حقيقي خطرا لاڳو آهن، ۽ مارشلا جو پڙاڏو ٻيهر گونجي رهيو آهي.

نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز، اربع 02  جولاءِ  2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.