تيل اگهن ۾ واڌ واپس ورتي وڃي: آل پاڪستان انجمن تاجران

اسلام آباد (م ڊ) آل پاڪستان انجمن تاجران جي صدر اجمل بلوچ حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته پيٽروليم شيون مهانگيون ڪرڻ وارو فيصلو واپس ورتو وڃي، ڇو ته ان سان مهانگائي وڌيڪ وڌندي ۽ عوام جي خريداري طاقت اڳي ئي ختم ٿي چڪي آهي. اجمل بلوچ چيو ته بجيٽ ۾ عوام جي قوت خريد ۾ ڪا به واڌ نه ڪئي وئي، اهڙين حالتن ۾ نه دڪاندار خوشحال ٿي سگهن ٿا، نه ڪاروبار وڌي سگهي ٿو. هن چيو ته بجلي ۽ گيس جي وڌندڙ بلن عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته وزيرن ۽ مشيرن جون مراعتون، مفت پيٽرول، بجلي، گيس ۽ انهن جي چوري جو به بار عوام تي وڌو ويو آهي. اجمل بلوچ چيو ته جيڪڏهن عوام تي اهڙو ئي دٻاءُ رهيو ته پوءِ ماڻهن لاءِ رڳو هڪ رستو بچي ٿو: گهر ڇڏڻ ۽ روڊن تي اچي ويهڻ.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.