ڪاربن ليوي سبب موٽرسائيڪلون مهانگيون

لاهور (م ڊ) هونڊا موٽر سائيڪل ڪمپني پنهنجن مختلف ماڊلن جي قيمتن ۾ 2 هزار کان 6 هزار رپين تائين واڌ ڪري ڇڏي، جنهن بعد عوامي سواري وڌيڪ مهانگي ٿي وئي. قيمتن ۾ واڌ جو سبب وفاقي بجيٽ 2025-26 ۾ موٽر سائيڪل انجڻ تي لڳايل 1 سيڪڙو ڪاربن لي وي ٻڌايو پيو وڃي. هاڻي هونڊا CD 70 جي قيمت 1،59،900 رپيا، CD 70 Dream جي 1،70،900، هونڊا پرائڊر جي 2،11،900، CG 125 جي 2،38،900 ۽ هونڊا 150 جي قيمت 4،99،900 رپيا ٿي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.