مالي سال جي شاندار شروعات، اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ زبردست واڌ، رڪارڊ قائم

ڪراچي (رپورٽر)پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ نئين مالي سال جي شروعات انتهائي شاندار نموني ٿي آهي، جتي مارڪيٽ ۾ زبردست واڌ جي نتيجي ۾ هڪ نئون سنگ ميل طئي ڪيو ويو آهي. ڪاروباري هفتي جي ٻئي ڏينهن جي شروعات تي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي ڏسڻ ۾ آئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪي ايس اي هنڊريڊ انڊيڪس 1100 پوائنٽون واڌ سان هڪ لک 26 هزار 669 پوائنٽن تي پهچي تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهتو، ۽ پوءِ 1 لک 27 هزار پوائنٽس کي به ڇهڻ ۾ ڪامياب ويو. ان کانپوءِ سيڙپڪارن جي اعتماد سبب شيئرز جي خريد و فروخت ۾ تيزي جو رجحان جاري رهيو، ۽ ڪاروباري ڏينهن جي آخر ۾ KSE-100 انڊيڪس 2572 پوائنٽس واڌ سان 1 لک 28 هزار 199 پوائنٽس تي پهچي نئين تاريخي رڪارڊ قائم ڪيو.

  1. ٻارن کي 15 سالن تائين پوليو بچاءَ جا ڦڙا پيارڻ جو فيصلو

اسلام آباد (م ڊ) صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال اعلان ڪيو آهي ته پوليو جي خاتمي لاءِ هاڻ 15 ورهين تائين جي ٻارن کي ويڪسين ڏني ويندي، شروعاتي مرحلي ۾ ڪراچي، لاهور، پشاور ۽ ڏکڻ خيبرپختونخوا شامل هوندا. وفاقي وزير هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو ته ٽي مهينن کانپوءِ هر دوا تي بار ڪوڊ لازمي هوندو، جنهن سان دوا جي اصليت ۽ ايڪسپائري چيڪ ڪري سگهبي. نئين صحت پاليسي جلد منظور ٿيندي، ڊريپ جي ڊجيٽلائيزيشن ۽ نرسنگ قانونن ۾ به تبديليون آڻڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

  1. ڊي آءِ خان ۾ مولانا فضل الرحمان جي رهائشگاهه تي ايف سي مقرر ڪرڻ جو فيصلو

ڊيرا اسماعيل خان (م ڊ)ڊيرا اسماعيل خان ۾ جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي رهائشگاهه تي فرنٽيئر ڪانسٽيبلري جي هڪ پلاٽون مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، وفاقي گهرو وزارت ڪمانڊنٽ فرنٽيئر ڪانسٽيبلري خيبرپختونخوا کي ان سلسلي ۾ باضابطه خط لکي ڇڏيو آهي، هي فيصلو وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي ڪيو ويو آهي، جنهن ڪجهه ڏينهن اڳ مولانا فضل الرحمان سان ملاقات دوران، سندس پٽ تي حملي ۽ اغوا جي ڪوشش تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو هو، ذريعن جو چوڻ آهي ته، مولانا جي تحفظ لاءِ ايف سي جي هڪ پلاٽون سندس رهائشگاهه تي مقرر ڪئي ويندي ته جيئن ڪنهن به ناخوشگوار واقعي کان بچاءُ ڪري سگهجي.

  1. سون جي اگهه ۾ 6600 رپيا واڌ، نئون اگهه 35898 رپيا مقرر

ڪراچي (م ڊ) ملڪ ۾ سون جي في تولي اگهه ۾ اوچتو وڏي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، سون في تولو 6600 رپيا مهانگو ٿيڻ سان 3 لک 56 هزار 800 رپين جو ٿي ويو آهي. ايسوسيئيشن موجب، ڏهه گرام سون به 5658 رپيا واڌ بعد 3 لک 5 هزار 898 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي. ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ به سون جي اگهه ۾ واڌ جو رجحان رهيو، جتي في اونس سون 66 ڊالر واڌ کانپوءِ 3348 ڊالر جو ٿي ويو آهي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن به سون في تولو 800 رپيا مهانگو ٿيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.