اڄ به اڻ اعلانيل ون يونٽ آهي، پاڪستان کي گهڻ قومي رياست تسليم ڪريو:ساڃاهه وند

ڪراچي (رپورٽ: ذولفقار راڄپر )سنڌ جي قوم پرست اڳواڻن، ڪارڪنن ۽ سول سوسائٽي سان لاڳاپيل فردن قرادادون پاس ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته پاڪستان کي گهڻ قومي رياست تسليم ڪري سنڌ کي 1940 جي لاهور قرارداد موجب آزاد تاريخي سڃاڻپ رکندڙ وطن طور تسليم ڪيو وڃي، سنڌو درياءَ مٿان ڪوبه ڊيم يا ان مان ڪئنال نه ڪڍيا وڃن، سنڌ کي 1945 جي رائو ڪميشن تحت پاڻي ڏنو وڃي، سنڌ جي زمينن تي قبضي ۽  ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبو ختم ڪيو وڃي، سنڌ ۾ ٻين صوبن ۽ ملڪن مان ايندڙ آبادي کي روڪيو وڃي ۽ سنڌ ۾ موجود ٻين صوبن ۽ ملڪن جي ماڻهن کي سنڌ ۾ مستقل مڪيت وٺڻ ۽ ووٽ جو حق نه ڏنو وڃي، سياسي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪرڻ جي انساني حقن جي پائمالي ختم ڪئي، سنڌ جي معدنيات، زمينن، جبلن، ٻيلن مٿان قبضا ختم ڪيا وڃن، اهي قراردادون ڪالهه اڱاري جي شام ڪراچي پريس ڪلب ۾ جيئي سنڌ محاذ ڪراچي طرفان پهرين جولاءِ 1970 تي ملڪ مٿان نافد ون يونٽ ٽٽڻ جي ڏينهن جي يادگيري جي موقعي تي هڪ سيمينار جي موقعي پاس ڪيون ويون، سيمينار جي صدارت ڪندي جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي چيئرمين وڪيل عبدالخالق جوڻيجو ڳالهائيندي چيو ته اسان مطالبو ڪريون ٿا ته1947 کان وٺي اڄ ڏينهن تائين سنڌ جي جيڪا به ڦرلٽ ۽ ان تي قبضن مان جيڪو ڪجهه به ڪمايو ويو آهي ان جو حساب ڪتاب ڏنو وڃي، پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ ان جي اڳوڻي ۽ هاڻوڪي قيادت ۽ شخصي نعرو سنڌ دشمن آهي، هاڻي سنڌ جي دشمنن سنڌ جي قومي تحريڪ جي روڪٿام لاءِ نوان رستا ۽ نوان گهوڙا تيار ڪيا ويا آهن، جيئي ڀٽو جي شخصي نعري تحت اڄ ڏينهن تائين سنڌ کي ڦريو لٽيو ويوآهي ۽ ڪالهه جي فنڪار، پينٽر سميت سموري خاندان کي سياست ۾ آندو پيو وڃي، سنڌ جو عوام پيرن، وڏيرن، ۽ سنڌ جي مذهبي روادري جي مخالف مولوين ۽ پاڻ کي اسٽبلشمينٽ جو نمائندو ۽ وفادار سڏجندڙ ۽ سنڌ لاءِ قربانين ڏيندڙ قومي ڪارڪنن ۽ عوام جي وچ ۾ لڪير ڪڍي وڃي، ون يونٽ خلاف هلايل هلچل وانگر سنڌو درياءَ جي حفاظت ۽ ٻٻرلو ڌرڻي ۾ به ڪو پير، وڏيرو موجود نه هو، پي پي پي وانگر جي ڊي اي اتحاد ۾ شامل وڏيرا به ون يونٽ خلاف هلايل هلچل ۾ شامل نه هئا، سنڌ جو وچون ڪلاس اڳتي اچي قومي تحريڪ جو حصو بڻجي وڃي، ليکڪ ڊاڪٽر رياض شيخ چيو ته جيئن بنگالين جي ٻوليءَ جي جدوجهد ڪري 21 فيبروري کي ماءُ جي ٻولي جو ڏينهن طور ملهايو پيو وڃي، ائين ئي پهرين جولاءِ جي تاريخ کي سموري دنيا ۾ مضبوط مرڪز خلاف قومن جي سڃاڻپ جي ڏينهن طور ملهائڻ گهرجي، ان ڏينهن  بابت تاريخ کي نصاب ۾ شامل ٿيڻ گهرجي هن چيو ته سنڌ اسيمبلي جي بدقسمتي آهي ته ان ۾ 20 کان 25 سيڪڙو ميمبر جو تعلق سنڌي ٻولي ۽ سنڌ سان نه آهي، باقي ٻين صوبن جي صوبائي اسيمبلين ۾ اهڙي زيادتي موجود نه آهي ۽ وقت ثابت ڪيو ته مذهبي بنياد تي ٺهندڙ ملڪ جو تجربو غلط نڪتو آهي آهي، انڊيجينس الائنس ڪراچي جي اڳواڻ حفيظ بلوچ چيو ته پاڪستان هڪ غير فطري رياست آهي ۽ اڄ به ان ملڪ ۾ ون يونٽ قائم آهي، ون يونٽ ملڪ ۾ موجود تاريخي وطنن کي تسليم ڪرڻ جي نفي هئي، جنهن خلاف بنگالين کان وڌيڪ سنڌ پنهنجو اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪيو آهي، هن ملڪ تي پنجاب ۽ فوج طرفان اڻ اعلانيل ون يونٽ نافد ڪيو ويو آهي، پي پي پي انهن جي ڪٺ پتلي جماعت آهي، جيڪا سنڌ جا وسيلا وڪرو ڪري رهي آهي، روزاني هلچل جي چيف ايڊيٽر يونس مهر چيو ته سنڌ 1843 کان وٺي غلام آهي، ان جي غلاميءَ جون شڪليون تبديل ٿينديون رهيون آهن، 1930 ۾ علامه اقبال انگريزن کي پنهنجي وفاداري جا قصا ٻڌائيندي پنجاب جي مضبوطي لاءِ سنڌ ۽ سرحد کي ان جو حصو بڻائڻ جي تجويز ڏني هئي، هو ڪڏهن به پاڪستان جي تحريڪ جو حصو نه رهيو هو، سنڌ ۾ بئراج ٺاهي سنڌ جون زمينون پنجابين ۽ فوجي جرنيلن کي ڏنيون ويون، پير علي محمد راشدي، ايوب کهڙو ۽ ٻيا وڏيرا ون يونٽ جا حامي هئا جن سنڌ اسيمبلي ۾ ون يونٽ جي حق ۾ قرارداد پاس ڪئي هئي، جيڪو ڪردار بعد ۾ پيپلزپارٽي اڄ ڏينهن تائين ادا ڪندي پئي اچي، پروگرام ۾ وڪيل، صحافي، سول سوسائٽي جا نمائندا موجود هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.