پاڪستان جي سياسي نظام ۾ اسٽيبلشمينٽ جو اهم ڪردار آهي: خواجا آصف

اسلام آباد(م ڊ) بچاءٌ واري وفاقي وزيرِ خواجا آصف جو چوڻ آهي ته پاڪستان سميت پوري دنيا ۾ اسٽيبلشمينٽ جو اهم ڪردار هوندو آهي، جيڪو هاڻ باقاعدي طور تي تسليم ٿيل آهي. ان جي وڏي مثال آمريڪا آهي، جتي اندروني معاملن، معيشت سميت سڀني شعبي ۾ اسٽيبلشمينٽ جو عمل دخل هوندو آهي. خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته دنيا جي هر ملڪ ۾ اسٽيبلشمينٽ جو ڪردار هوندو آهي، خاص طور آمريڪا ۾ جتي جڏهن ضرورت پئي، آمريڪي اسٽيبلشمينٽ مداخلت ڪئي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي سياسي سيٽ اپ ۾ به اسٽيبلشمينٽ جو اهم ڪردار آهي، ملڪ جي اندروني صورتحال، معيشت سميت ٻين شعبي ۾ انهن جو اثر آهي، ۽ اهو ڪردار هاڻ باقاعده بڻجي ويو آهي. اڄ به ٽيم جو ڪپتان شهباز شريف آهي.هن وڌيڪ چيو ته سيالڪوٽ جي هڪ نهر جي پوري ڪناري تي افغان ماڻهن جو قبضا آهي، اهي ڊمپر کڻي آيا آهن. ڊمپر ڪراچي ۾ به ماڻهو ماري رهيا آهن، لاهور ۾ به ۽ سيالڪوٽ ۾ به. خواجا آصف چيو ته پ پ حڪومت ۾ شامل ٿي سگهي ٿي، فيصلو صدر ۽ وزيراعظم ڪندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.