تعليم جي بهتري جا رڳو سکڻا اعلان!

سنڌ ۾ تعليم بابت هر دور ۾ وڏا وڏا اعلان ٿيندا رهيا آهن. ڪنهن به حڪومت ڪا به ڪمي نه ڇڏي آهي بيانن ۽ دعوائن ۾. تعليم کي ترجيح ڏيڻ جا واعدا، اسڪولن کي بهتر ڪرڻ جا ارادا، ۽ استادن کي ذميوار بڻائڻ جا اعلان روز ٻڌندا رهيا آهيون. پر جڏهن سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ وڃجي ٿو ته حقيقت انهن بيانن کان بلڪل الڳ نظر اچي ٿي.

 ٿرپارڪر، سجاول، ٺٽو ۽ شڪارپور جهڙن ضلعن ۾ پڙهائي جي شرح ايتري گهٽ آهي جو ماڻهو حيران ٿي وڃي ٿو ته حڪومت ڪٿي آهي ۽ تعليم واري وزارت ڇا ڪري رهي آهي؟هڪڙي طرف تعليم واري وزير سردار شاھ صاحب جا وڏا وڏا بيان آهن ته سنڌ ۾ پڙهائي اڳي کان بهتر ٿي وئي آهي. پر انگ اکر ٻڌائين ٿا ته حقيقت اها ناهي. ٿرپارڪر ۾ رڳو 26.9 سيڪڙو ماڻهو پڙهيل آهن. سجاول ۾ اها شرح 22.9 سيڪڙو تي بيٺل آهي. شڪارپور ۾ اھا شرح 28.2 تي بيٺل آهي ۽ ٺٽو ۾ به اڻ پڙهائي عروج تي آهي. انهن ضلعن ۾ هزارين ٻار اڄ به اسڪول وڃڻ بدران محنت مزدوري ڪن ٿا.

حڪومت جيڪڏهن واقعي تعليم کي اهميت ڏيڻ چاهي ٿي ته ان لاءِ سڌي سنئين رٿابندي ضروري آهي، سڀني بند اسڪولن کي کولڻ لاءِ حڪم جاري ٿيڻ گهرجن.استاد ڀرتي ڪرڻ سان گڏوگڏ انهن جي حاضري يقيني بڻائڻي پوندي.ڪتاب، ڪاپيون ۽ يونيفارم غريب ٻارن تائين پهچايا وڃن.اسڪولن جي عمارتن جي مرمت ڪئي وڃي .ڳوٺاڻن علائقن ۾ خاص مهم هلائي پڙهائي جو شعور وڌايو وڃي.هي قدم ڪس وڏي سائنس نه آهي. جيڪڏهن حڪومتي ادارا دل سان ڪم ڪن ته ٿرپارڪر ۽ سجاول جا ٻار به پڙهي سگهن ٿا. اڄ جيڪو وڏو فرق ڪراچي ۽ ٻين ضلعن ۾ نظر اچي ٿو، اهو گهٽجي سگهي ٿو.سردار شاھ کي پنهنجي تقريرن کان اڳ زميني حقيقت ڏسڻي پوندي. ڪتابن ۽ ڪاپين جي کوٽ، بند اسڪولن جا تالا، ويٽنگ ۾ ويٺل 10000 ھزار استاد، غير حاضر استاد ۽ غربت جا ماريل ٻار سڀ ڪجهه انهن کان اڄ به پڇي رهيا آهن ته توهان جا بيان ڪڏهن عمل ۾ بدلجندا؟اسان کي گڏجي اهو واعدو ڪرڻ گهرجي ته تعليم کي سياست کان مٿاهون رکي هر ٻار تائين پڙهائي پهچائي ويندي. سنڌ جي ڳوٺن ۾ اڄ به ھر ٻار پڙهائي جو انتظار ڪري رهيو آهي . اهو انتظار رڳو بيانن سان نه پر حقيقي ڪم سان ختم ٿيندو. پڙهائي ئي اها شمع آهي جيڪا هر گهر ۾ روشني آڻي سگهي ٿي.آ

آفتاب عالم مهر

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.