ڊاڪٽر آڪاش قتل ڪيس ۾ سندس پاليل پٽ جي ضمانت درخواست رد

 حيدرآباد(رپورٽر) نامياري شاعر ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي قتل ڪيس ۾ جوابدار ويڳي پٽ شاھ لطيف جي ضمانت واري درخواستتي عدالت محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي آهي. فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج تصور علي جي عدالت ۾ جوابدار جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي ھئي جنهن ۾ ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي گهر واري پاران جوابدار ويڳي پٽ شاھ لطيف جي ضمانت بابت نو آبجيڪشن واري درخواست ۽  بعد عدالت ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي نياڻي ميران جوابدار ويڳي ڀاءُ جي ضمانت خلاف درخواست داخل ڪرائي ھئي، جنهن ۾  ڊاڪٽر آڪاش جي نياڻي ميران عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته شاھ لطيف عدالت آڏو قتل جو اعتراف ڪري چڪو آهي ، کيس ضمانت نه پر سزا ڏيو عدالت ۾ ٻنھي ڌرين جي وڪيلن ضمانت واري درخواست تي دليل ڏنا فريادي جي وڪيل جو چوڻ هو ته  عدالت ڌرين کي سٺي نموني سان ٻڌو آھي  جوابدار 164 جي بيان ۾ ڏوھ قبول ڪري چڪو آھي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.