سکر حيدرآباد موٽروي ۾ ڪامورن ڪرپشن ڪئي،ايندڙ سال بجيٽ وڌائينداسين\کيئل داس راجا خليق

ڪراچي(رپورٽر) مذهبي هم آهنگي واري وزير کيئل داس ڪوهستاني چيو آهي سنڌ ۾ موجود سمورا موٽرويز تعمير ڪرڻ مسلم ليگ ن جو ڪارنامو آهي، مسلم ليگ هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ھن چيو هن چيو ته ڪشمور، ڪنڌڪوٽ ۽ گهوٽڪي ۾ بدامني سبب اتان ماڻهو اسلام آباد ۾ احتجاج ڪرڻ ويا وزيراعظم علائقي جي ايم اين اي جي درخواست تي سنڌ ۾ امن امان جي حوالي سان ڪم ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون، پر سنڌ جي مقامي اخبار ۾ جيڪو انهن علائقن ۾ آپريشن جي منظوري وارو معاملو رپورٽ ڪيو آهي اهو بي بنياد آهي وزيراعظم اهڙي ڪا به منظوري ناهي ڏني ته ڪنڌڪوٽ ڪشمور يا ڪنهن به ڪچي واري علائقي ۾ آپريشن ڪيو وڃي، اهڙو ڪو به فيصلو ناهي ڪيو ويو ته سنڌ ۾ آپريشن ٿيندو، ها محسن نقوي کي اها هدايت ڪئي وئي آهي ته سنڌ جي صوبائي حڪومت سان گڏجي امن امان جي صورتحال لاءِ جوڳا قدم کنيا وڃن. پر اهو ڪم سنڌ حڪومت جو آهي. ارڙهين ترميم کانپوءِ وفاق يا وزيراعظم پنهنجي طرفان ڪو به اهڙو قدم نٿو کڻي سگهي. سنڌ حڪومت سان گڏجاڻي ڪري مشاورت ڪئي ويندي پوءِ جيترو ٿي سگهيو وفاقي حڪومت امن امان جي صورتحال جي بهتري لاءِ عوام جي پريشانين کي ختم ڪرڻ لاءِ ضرور مدد ڪندي، ان موقعي تي وفاق پاران سنڌ ۾ مقرر ڪيل ترجمان راجا خليق زمان انصاري صحافي جي سوال جي جواب ۾ چيو ته ڪامورن سکر کان حيدرآباد تائين واري موٽروي ۾ ڪرپشن ڪئي آهي انهن تي نيب ۾ ڪيس هلي رهيا آهن انهن جا نالا اِي سي ايل ۾ داخل ٿيل آهن، اسان جو بنيادي مقصد آهي سکر کان حيدرآباد تائين موٽروي کي تعمير ڪرڻ هاڻي ان جي لاءِ پندرهن ارب رپيا رکيا ويا آهن ايندڙ بجيٽ ۾ وڌيڪ پيسا رکيا ويندا، سرڪاري توڙي خانگي زمينون وٺڻيون آهن اهو پهريون مرحلو آهي اسان جي دور حڪومت ۾ ئي اهو پراجيڪٽ به مڪمل ڪيو ويندو. اسان ڪراچي کي پشاور سان ڳنڍينداسين سڄو ملڪ موٽرويز سان ڀريل هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.