پرائمري سطح تي مصنوعي ذهانت جي تعليم ڏيڻ جو فيصلو

اسلام آباد(م ڊ) وفاقي وزير شزا فاطمه آءِ ٽي بابت سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي کي آگاهي ڏيندي ٻڌايو آهي ته حڪومت پرائمري سطح تي مصنوعي ذهانت جي تعليم متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، هاڻي ٻار ۽ ٻارڙيون پرائمري سطح تي ئي آرٽيفيشل انٽيليجنس سکندا ۽ اڳتي وڌندا، جڏهن ته وفاقي حڪومت نصاب جي نظرثاني تي به ڪم ڪري رهي آهي، وزيراعظم نصاب ۾ آءِ ٽي تعليم شامل ڪرڻ لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي آهي، جيڪا ان تي ڪم ڪري رهي آهي، هن چيو ته جيڪي يونيورسٽيون آءِ ٽي گريجوئيٽس پيدا ڪري رهيون آهن پر انهن جي شاگردن کي نوڪريون نٿيون ملن ته اهڙين يونيورسٽين جي سزا ۽ جزا هجڻ گهرجي، ايڇ اي سي کي اهڙين يونيورسٽين جي فنڊنگ روڪڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.