سوات سانحو، بي حسي ۽ بد انتظامي جو نوحو

تحرير: آزاد غلام رسول مزاري

سوات جي حسين وادي ۾، جيڪو سانحو پيش آيو، اهو رڳو هڪ حادثو نه پر بي حسي ۽ بي رحم قوتن جي خطرناڪ ٽڪراءُ جو نتيجو هو. هي سانحو هڪ اهڙي بدنصيب خاندان سان پيش آيو، جيڪو ڊسڪا مان خوشيون ملهائڻ لاءِ سوات آيل هو، پر انهن لاءِ اهو سفر حياتيءَ جو آخري سفر بڻجي ويو.عيني شاهدن موجب، هي خاندان جتي ويهي نيرانيءَ جو ناشتون ڪري رهيو هو، اهو ماڳ حادثي واري جاءِ کان ٿورو پري هو ۽ ان وقت اتي پاڻي جو ڪو نشان به نه هو. انهن لمحن ۾، ويجهن جبلن تي ٻه ڏينهن مسلسل برسات ٿي رهي هئي، جنهن سبب ندي نالن ۾ طغياني اچي وئي. پاڻيءَ جو وهڪرو آهستي آهستي وڌڻ لڳو ۽ پوءِ اوچتو، جتان ڪو به شڪ نه ٿيندو هو، اُتان هڪ وڏو ريلو آيو.جڏهن پاڻي وهڻ شروع ٿيو، ته هي ماڻهو، خوشيءَ وچان، وِجد ۾ اچي اهڙي نموني اڳيان وڌڻ لڳا ڄڻ ته فطرت سان ڪو جشن ملهائڻ آيا هجن. انهن مان ڪجهه ماڻهو واهه جي ويجهو وڃي تصويرون ڪڍڻ ۽ وڊيوز ٺاهڻ لڳا. ڪجهه ماڻهو ته پاڻيءَ جي بلڪل ڪناري تائين هليا ويا ۽ سيليفيون وٺڻ لڳا. ان وچ ۾ سندن ڪجهه مائٽ پري بيٺا رهيا ۽ کين بار بار آواز ڏئي روڪيندا رهيا ته واپس اچو، وڌيڪ اندر نه وڃو، پر انهن تي جذباتي خوشي ۽ تصويرن جو جنون غالب رهيو.

مائٽ مسلسل رڙيون ڪندا رهيا ته "واپس اچو، پاڻي وڌي رهيو آهي، خطرو وڌي ويو آهي!” پر سيليفين ۽ وڊيوز ٺاهيندڙن لاءِ اتي، اهي لمحا، فطرت جي خبرداري کان وڌيڪ سندن ڪيمرا اهم هو. انهن رشتيدارن کي به سڏيندا رهيا ته "توهين به اچو، پاڻي ڏسو، تصويرون وٺو!” پر جيڪي پري رهيا، تن جي عقل، شايد کين موت جي منهن مان بچائي ورتو. اوچتو، وڏي طغيان وارو ريلو آيو. پاڻي جو زور ايترو ته خطرناڪ هو، جو هر شيءَ کي لوڙهيندو ويو. جيڪي ماڻهو واهه جي وچ ۾ هئا، سي پري ڀڄڻ بجاءِ ڊپ وچان ويجهي ٽڪري تي چڙهي ويا، پر فطرت جي قهر کان بچڻ لاءِ اها حفاظتي ٽڪري ڪافي نه هئي. اهي منظر، جيڪي ڪجهه ماڻهن پنهنجي موبائلن تي قيد ڪيا، انهن ۾ صاف نظر اچي ٿو ته متاثر ماڻهو مسلسل پنهنجي جاءِ مٽائيندا رهيا، پر پاڻيءَ جي سطح وڌندي رهي. ماڻهو تصويرون ٺاهيندا رهيا، پر مدد لاءِ ڪير به اڳتي نه آيو. نه ته ويجها هوٽلن وارا مدد لاءِ آيا، نه ئي مقامي انتظاميا جو ڪو عملي قدم سامهون آيو. هر ڪو تماشو ڏسندو رهيو، پر حياتين کي بچائڻ لاءِ ڪنهن به انساني هٿ اڳتي نه وڌايو ۽ پوءِ….

 سڀ ڪجهه انتهائي دردناڪ طريقي سان سڀني جي نظرن آڏو ٿي ويو. تصويرن ۾ آخري لمحن تائين جدوجهد ڪندي زندگي نظر اچي ٿي، پر فطرت جي ڪاوڙ اڳيان انسان جي ڪا حيثيت نه رهي. ا

حقيقت ۾ هي واقعو اسان سڀني لاءِ هڪ سبق آهي ته فطرت سان لاپرواهي نه ڪريو، ۽ جتي خطري جا آثار ظاهر ٿين، اتي تفريح جي تمنا قرباني نه بڻجي وڃي.سوات، جيڪا پنهنجي قدرتي حسن، ڇولين، وڻن، واهن، ۽ برفاني چُرين سان دنيا جي اکين لاءِ راحت ضرور رهي آهي پر ذريعن جي چوڻ موجب ماضي ۾ ڪيترا واقعا پيش اچي چڪا آهن . افسوس هن سوات حادثي ۾ انساني غفلت ۽ سرڪاري بي حسيءَ جي ڪري، ماتم جي علامت بڻجي ويو. هن سانحي ۾ 18 ناحق زندگيون موت جي وهڪري ۾ گم ٿي ويون. اهو ڪو قدرتي قهر نه هو، پر انسان جي خود فريبي، لاپرواهي ۽ حڪومت جي ناقابلِ معافي نااهليءَ جو نتيجو هو. هڪ پاسي طوفاني برساتن، وهندڙ واهن، ۽ بي رحم جبلن جي کوهن مان لهي ايندڙ ٻوڏ، ته ٻئي پاسي بيحس، بيعمل، ۽ بيخبر رياست—جنهن جي لاءِ 18 انساني حياتيون رڳو انگ آهن، ڪنهن جي ماءُ جي آغوش، ڪنهن جي پٽ جي مسڪراهٽ، ۽ ڪنهن جي پيءُ جو سايو . افسوس ته ان وحشتناڪ منظر کان پوءِ نه ئي ڪا حڪومتي ايمرجنسي ريسڪيو ٽيم موقع تي پهتي، نه ئي ڪنهن وزير يا ضلعي آفيسرن ڪا تڪليف ڪئي ته وڃي ڏسن ته انهن بدنصيبن جي سانحي پٺيان ڪهڙا حال هئا، يا سندن وارثن جي دلين تي ڪهڙا ڇنڊا پيا.

اهڙا سانحا هر سال سوات، مانسهره، ۽ ٻين اترين علائقن ۾ ٿين ٿا. فطرت وقت بوقت خبردار ڪندي رهي آهي، ته ڪٿي ڪو خندق آهي، ڪٿي جبلن تي مسلسل برسات جي نتيجي ۾ زمين سلڻ واري آهي، ڪٿي ندي نالن ۾ طغياني ايندي، پر انهن سڀني نشانين جي باوجود، حڪومت وٽ نه ته ڪو اڳواٽ بندوبست آهي، نه ڪو حفاظتي منصوبو، نه ئي رياستي سطح تي ڪا تربيت يافته ٽيم موجود آهي، جيڪا ماڻهن کي بروقت محفوظ هنڌن تي منتقل ڪري سگهي، يا اڳواٽ اطلاع ڏئي. ماڻهن جون زندگيون ايتريون بي حيثيت بڻجي ويون آهن، ڄڻ ته اهي رڳو شمارياتي انگ آهن، جن جي گهٽجڻ يا وڌجڻ سان اقتدار جي ڪنڌ تي ڪا وڄ نٿِي پوي. ڇو ته حڪومتن لاءِ ترجيح سياحت وڌائڻ آهي، نه ته سياحن جي حفاظت. اشتها ڏيکارڻ، هوٽلون ٺاهڻ، روڊ کولڻ ته ٿين ٿا، پر حفاظتي هدايتون ڏيڻ، موسم جي خطري جي اڳڪٿي ڪرڻ، يا ايمرجنسي صورتحال لاءِ فوري ڪارروائي جو نظام قائم ڪرڻ لاءِ نه فنڊ آهن، نه ئي سنجيدگي. نتيجو اهو ٿو نڪري ته تصويرن لاءِ ايندڙ مسافر، پنهنجي زندگين جي قيمت ادا ڪري، ان واديءَ جي خاموشيءَ ۾ هميشه لاءِ دفن ٿي وڃن ٿا.

سانحي کان پوءِ، رڳو آن لائين مذمتون، ٻه لفظن جا افسوس، ۽ رياست پاران ڏنل ڪجهه رواجي بيان سامهون آيا. ڪو به ذميوار نه پڪڙيو ويو، نه ئي ڪو ادارو پنهنجن ناڪامين تي شرمسار ٿيو. نڪي ڪو پوليس آفيسر، نڪي ڪو ضلعي انتظاميا، نڪي ئي موسميات جو ادارو، ۽ نه ئي سياحت کاتو ڪوبه ڪابه ذميواري کڻڻ لاءِ تيار آهي .اها خاموشي رڳو بي حسي ناهي، اها انساني جانين جي توهين آهي۔ رياست جي بنيادي ذميواري، شهريءَ جي حفاظت آهي، نه ته رڳو حڪمرانيءَ جي دعويٰ. جيڪڏهن رياست، پنهنجي ماڻهن کي محفوظ سفر، محفوظ رهائش، ۽ وقتائتي اطلاع ڏيڻ ۾ ناڪام رهي ٿي ته پوءِ اها حڪومت ڪهڙي؟ جيڪڏهن 18 لاش به رياست جي بي ڌياني کي نه جاڳائي سگهن، ته پوءِ ٻيا ڪهڙا رت وهايا وڃن ته جاڳ ايندي؟ اڄ ضرورت آهي ته آواز اٿارجي، سوال ڪيا وڃن، ۽ حڪومتي ادارن کان جواب طلب ڪيا وڃن۔ نه رڳو هن سانحي لاءِ، پر مستقبل جي انهن زندگين لاءِ، جيڪي هر سال، بي حسي جي وهڪري ۾ وهن ٿيون، ۽ جن جو نالو ڪا فهرست، ڪا فائيل، يا ڪا رپورٽ به ياد نٿي رکي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.