شاگرد يونين جي بحالي انصاف پسند معاشري جو فرض آهي

تحرير: منير احمد سولنگي

ڏٺو وڃي ته يونيورسٽين مان شاگرد سياست جا پير ڪڍي شاگردن کي نه صرف روايتي ‘يَس مين’ بڻايو ويو  پر شاگرد يونين تي پابندي وجهي موقعي پرست ادارن هٿرادو بهانو جوڙي ورتو ته ھو شاگردن جا فيصلا توڙي تعليمي ۽ تدريسي پاليسين جي جوڙجڪ نام نهاد ادارا پاڻ ڪرڻ جو حق رکي ٿي ۽ ان پويان به اهي ئي ڪارڻ آهن ته جتي انتظاميا هڪ پاسي تعليم کي وکر ڪري وڪرو ڪري ته ٻئي پاسي شاگردن جا بنيادي مسئلا به نظرانداز ڪري، تنقيد توڙي مزاحمت کان آجي رهي. هتي اهو به واضح ٿي وڃي ٿو ته حڪومت طرفان شاگرد يونين تي لڳايل پابندي رڳو امن يا ڊسيپلين قائم ڪرڻ جو هڪ ڍونگ آهي. جڏهن ته حقيقت ۾ اها شاگردن کي متحد ٿيڻ، مزاحمت ڪرڻ، حقن جي لاءِ وڙهڻ ۽ پنهنجي قوم جي بقا لاءِ آواز اٿارڻ کان روڪڻ لاءِ حڪومت توڙي شاگردن کان ڊنل اسٽبلشمينٽ سميت سرمائيدار ڌريُن جي منظم سياسي حڪمت عملي آھي ته جيئن شعور يافته سياسي نسل پيدا ٿيڻ نه ڏجي جيڪو هنن جي خلاف عوام دوست ۽ وطن دوست نظام ۽ پاليسين جي ڳالهه نه ڪري ۽ عام شهرين جي ڀلائي ۽ حقن لاءِ ڪوششون نه وٺي.

سچ ته ملڪ ۾ اظهارِ راءِ جي آزادي، سڀن خاص طور تي شاگردن ۽ نوجوانن جو جمهوري سياست ۾ ھجڻ، ۽ تعليمي ۽ تدريسي نظام ۾ سوال ڪرڻ جي آزادي سان ملڪ جي شعور ۽ ترقي جو پتو پئي ٿو. ان ڏس ۾ پاڪستان جو مثال ڏيڻ سان پاڪستان پڻ وائکي ٿئي ٿو، جتي اظهار، سوال ۽ سياست ايترا ته دٻايل آهن جو جيڪو اهي ٽي شيون گهرندو سو پاڻ پتوڙيندو.

جيڪڏھن اسان دنيا جي ترقي يافته ملڪن ڏانهن نظر وجھون ته واضح ٿيندو ته اتي شاگرد سياست نه صرف آزادي سان ٿئي پئي، بلڪي ان جي واڌ ويجھ لاءِ ادارا ۽ قانوني فريم ورڪ پڻ موجود آهن. برطانيه ۾ National Union of Students (NUS)، ھڪ منظم ۽ طاقتور ادارو آھي، جيڪو ھزارين شاگردن جي نمائندگي ڪري ٿو ۽ تعليم، فيس، نسلي برابري، ذهني صحت ۽ ٻين معاملن تي حڪومت سان سڌي طرح منهن ڏئي ٿو. آمريڪا ۾ به شاگردن جون يونينون (Student Governments) ھر يونيورسٽي ۾ موجود آھن جن جي صحيح معني ۾ بجيٽ ۽ پاليسيون حڪومتن پاران جوڙيل آهن جن وسيل شاگرد پنهنجي فيصلن ۽ فلاحي منصوبن تي پراثر اختيار رکن ٿا. جرمني ۽ سويڊن جھڙا ملڪ ته شاگرد يونين کي انڪري به لازمي حصو سمجھن ٿا جو اها شاگردن جي سياسي، تعليمي ۽ سماجي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري ٿي. ھي مثال ثابت ڪن ٿا ته جتي شاگردن کي اظهار، تنظيم، ۽ نمائندگي جا حق حاصل آھن، اتي نه رڳو تعليمي معيار بھتر آھي پر ملڪ جو سياسي ۽ سماجي نظام به وڌيڪ شفاف، جوابده ۽ متوازن آھي. پاڪستان ۾ ان جي ابتڙ، شاگرد سياست تي پابندي لڳائي، ھن ملڪ کي باشعور سياسي قيادت کان محروم رکيو ويو آھي. ان جو نتيجو اھو نڪتو آھي ته نه صرف ادارن ۾ احتساب ۽ جوابداهي ختم ٿي آھي پر سماج به خاموش تماشائي بڻجي ويو آھي. دنيا جي ھر ترقي پسند ملڪ ۾ شاگردن کي سياست ۾ حصو وٺڻ جي آزادي ھوندي آھي ڇو ته ھڪ شاگرد ئي پنھنجي سوالن کي چڱي ريت سمجھي، حڪومت کان پنھنجو حق وٺي سگھي ٿو پر ڪرپشن جي دُٻڻ ۾ ڦاٿل ملڪ ۾ شاگرد سياست تي ته پابندي آهي ئي پر ماڻھن جي سوچ کي پڻ ان طرف قائل ڪيو ويو آھي ته ھو شاگرد سياست کي غلط سمجھن. هوڏانهن اها ئي ساڳي ملڪي سرڪار شاگرد سياست نه هجڻ جو فائدو وٺندي يونيورسٽين ۾ مداخلت ڪري پنھنجا نوازي به ڪري ٿي ۽ ادارن کان من پسند ڪم پڻ وٺي ٿي، جنهن جون مختلف صورتون ملن ٿيون مثال، پنھنجن من پسند ماڻھن کي اڳتي آڻڻ، ڪرپشن ڪرڻ، ڪنٽرول حاصل ڪرڻ ۽ بليڪ ميلنگ وغيره.

 ٻئي پاسي شاگرد سياست اهڙين سمورين شين خلاف آواز اُٿاريندي ۽ مزاحمت ڪندي رهي آهي، جنهن جي ڪري شاگردن جو سياست ۾ اچڻ حڪمرانن کي اک ۾ ڪنڊو آهي، جنهن کي الزام مڙهي ماٺو ڪرڻ جون ناڪام ڪوششون هن ايڪويهين صدي ۾ به اڃا توڙي ڀرپور جاري آهن. پر اهو به صاف ظاهر ٿي پيو آهي ته شاگردن کي سياست کان پري رکڻ حقيقت ۾ ملڪ جي سياسي نظام جي ڪمزوري کي ظاھر ڪري ٿو.

ٿيڻ ته ايئن گھرجي ته ملڪ ۾ شاگرد يونين بحال ٿئي، لڳل پابنديون ختم ٿين ته جيئن شاگرد پنھنجي مسئلن کي حل به ڪن ۽ هڪ منظم طريقي سان ملڪ کي قيادت به ملي باقي شاگرد سياست تي پابنديون لڳائڻ حقيقت ۾ شاگردن جي اظھار جي آزادي تي پابندي لڳائڻ برابر آھي ۽ آءِ سمجھان ٿو ته اظھار جي آزادي کي ختم ڪرڻ ھڪ ڪمزور رياست ۽ انھي جي ڪمزور سياسي نظام جو ثبوت آهي، جتي سياست کي اثر رسوخ ۽ طاقت جي زور تي صرف ذاتي مفادن لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو. اهڙي قسم جي رياست ۾ رھندڙ ماڻھن کي انھن جا بنيادي حق ته نٿا ملندا پر انهن جو پنهنجي حقن لاءِ آواز اٿارڻ به ڏوھ بڻجي ويندو، جيڪا شي پاڪستان ۾ عام ٿي چڪي آهي.

اهو هاڻي سمجهڻ ايترو ڏکيو نه رهيو آهي ته شاگرد يونين جي بحالي صرف سياسي ضرورت ناهي، پر اها ھڪ اخلاقي ۽ جمهوري فرض آھي جيڪو ھر انصاف پسند معاشري کي پورو ڪرڻ گھرجي ڇو جو جيستائين شاگرد سياست آزاد نه ٿي ٿئي تيستائين نه تعليم آزاد هوندي، نه شاگرد محفوظ هوندا، نه سماج ۾ سجاڳي ممڪن ٿيندي ۽ نه وري ئي ملڪ جي مستقبل کي ڪو روشن رستو يا ڪو بهتر دڳ ملي سگھندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.