ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي سنگر چورنگي ۾ تيز رفتار ٽينڪر جي ٽڪر ۾ عورت فوت ٿي وئي.
ڪورنگي ۾ سنگر چورنگي ڀرسان تيز رفتار ٽينڪر روڊ پار ڪندڙ ماءُ ۽ ڌيءُ کي ٽڪر هنيو، حادثي ۾ ماءُ ٿڏي تي فوت ٿي وئي، جڏهن ته سندس ڌيءُ سخت زخمي ٿي پئي،
پوليس موجب واقعي کانپوءِ مڇريل ماڻهن ٽينڪر کي باهه ڏئي ڇڏي، جنهن تي فائر ٽينڊر جي مدد سان ضابطو آندو ويو، جڏهن ته واٽر ٽينڪر جي ڊرائيور کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
You might also like