ڌاڙيلن جي دهشت اڳيان بي وس بڻيل حڪومت!

تحرير: مجاهد چنا

  امن، محبت، مهمان نوازي ۽ رواداري جي ڌرتيءَ حوالي سان مشهور سنڌ سونهاري ۾ روزاني جي بنياد تي ڌاڙا، ڦرون، اغوا، قتل، معصوم ٻارڙن توڙي نياڻين جي اغوا جا واقعا پڙهي ٻڌي دل رت جا ڳوڙها ڳاڙي ٿي. جيتوڻيڪ عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت ۽ امن امان جي بحالي وقت جي حڪومت جي پھرين ذميواريءَ هوندي آهي پر سنڌ ۾ بدترين بدامني ۽ ڌاڙيل راڄ مان لڳي ٿو ته گذريل 17 سالن کان لاڳيتو سنڌ ۾ موجود پيپلزپارٽي جي حڪومت ان سلسلي ۾ مڪمل طور تي ناڪام نظر اچي رھي آهي يا وري ڏوهارين جي سهولتڪار بڻيل آهي.

 سنڌ حڪومت امن امان برقرار رکڻ لاءِ گذريل مالي سال جي بجيٽ ۾ 200 ارب رکيا هئا، پر ان باوجود سنڌ جو عوام امن لاءِ واجهائي رهيو آهي. پ پ وڏي عرصي کان اقتدار ۾ هجڻ باوجود عوام کي روڊ رستا، تعليم، صحت، صاف پاڻي جهڙيون بنيادي سهولتون ڏيڻ ته پنھنجي ھنڌ رھيو، پر عوام کي جان ۽ مال جو تحفظ ڏيڻ ۾ به ناڪام ثابت ٿي آهي ۽ ماڻهن کي جيئڻ جي حق کان به محروم ڪيو پيو وڃي.

سنڌ ۾ بدامني، ڌاڙيل راڄ ۽ ماڻهن  جي اغوا، خلاف مختلف سياسي، سماجي پارٽين توڙي سول سوسائٽي پاران بار بار سنڌ اندر احتجاجي ڌرڻا، مظاهرا ٿيڻ باوجود حڪومت اکيون ٻوٽي ويٺي رهي جنهن جي نتيجي ۾ ڪشمورڪنڌڪوٽ جي سڀني سياسي جماعتن تي مشتمل شهري اتحاد ۽ سول سوسائٽي جي ماڻهن مجبور ٿي ڪري امن امان جي بحالي لاءِ هڪ هفتي تائين اسلام آباد ۾ ڌرڻو هنيو. احتجاج ۾ موجود اڳواڻن جو چوڻ هو ته ”هتي سندن جان و مال، ڪاروبار، ڪجهه به محفوظ ناهي، هُو سُکَ جو ساهه کڻڻ لاءِ ترسي رهيا آهن. ڪيترائي ڪاروباري خاص ڪري هندو خاندان پنهنجا اباڻا گهر ڇڏي لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿي پيا آهن ۽ ڪيترائي وري ڪراچي جهڙن وڏن شهرن جو رخ ڪن پيا، تعليم، ڪاروبار توڙي زراعت مڪمل طور تي تباهي جو شڪار آهي. بدامني جي باهه خلاف احتجاج باوجود حڪمرانن جي ڪن تي جونءُ به نٿي سُري، خلق جي دادرسي ته ٺهيو، پر ويتر احتجاج ڪندڙن مٿان دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن جيڪو سراسر ظلم آهي.

 اسلام آباد ڌرڻي ۾ يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ لاءِ پهتل جماعت اسلامي جي مرڪزي نائب امير اڳوڻي ايم اين اي لياقت بلوچ جي ان ڳالهه ۾ وزن آهي ته ” آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ڏوهاري سنڌ حڪومت توڙي مڙني قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کان آخر ڪئين طاقتور ٿي سگهن ٿا؟“ هن دردناڪ صورتحال مان واضح ٿئي ٿو ته سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن، خاص ڪري ڪشمورڪنڌڪوٽ، لاڙڪاڻو، گھوثڪي شڪارپور، جيڪب آباد ۽ دادو سميت ٻين ڪيترن ئي علائقن ۾ حڪومتي رٽ تقريباً ختم ٿي چڪي آهي. ڌاڙيل ڳوٺن ۽ ٻيلن جا ‘حڪمران’ بڻيل آهن، جديد هٿيارن سان ليس آهن، انهن جون وڊيوز، ڊيڄارڻ جا پيغام، سوشل ميڊيا تي گردش ڪن پيا. پوليس وٽ نه جديد هٿيار آهن، نه تربيت، ۽ نه ئي حڪومتي سرپرستي. سوال آهي ته ڇا رياست جي قوت کان، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کان، ڌاڙيل طاقتور آهن؟ پوليس جي بندوقن تي زنگ لڳل آهي؟ ڪيترن ٿاڻن وٽ بلٽ پروف گاڏيون ته پري جي ڳالهه، پيٽرول به ناهي هوندو. پوليس اهلڪار ڊيوٽي تان موٽڻ دوران مارجي ٿو، پوءِ ڪير بچي سگهندو؟ ڌاڙيل راڄ ڄڻ ته سنڌ ۾ هڪ منظم نظام بڻجي ويو آهي، جنهن جي خلاف آواز اُٿارڻ وارن کي سرڪاري تحفظ بدران خاموشيءَ جي تلقين ملي ٿي.

سموري صورتحال اهو ڏيکاري رهي آهي ته رياست صرف ڪاغذن تي قائم آهي، ميدان ۾ ته ڌاڙيلن جي حڪمراني آهي. ڪراچي، خيرپور جا جيل ٽٽڻ ۽ لاڙڪاڻي ۾ ڏينهن ڏٺي جو هٿيابندن هٿان ايس ايڇ او جو مارجي وڃڻ سنڌ حڪومت جي مڪمل ناڪامي آهي. ان کان به وڌيڪ افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته جيڪي ڌاڙيل ڪچي ۾ قبضو ڪري ويٺا آهن، انهن جا بااثر سرپرست ۽ سهولتڪار وري پڪي ۾ ويٺل آهن. 19جون تي جماعت اسلامي سنڌ جي نائب امير ۽ بَرک عالم دين حافظ نصرالله چنا کي تنگواڻي ويندي ڪنڌڪوٽ ٻاهران ”رمضان لاڙو“ وٽ يرغمال بڻائي هٿيارن جي زور تي گاڏي، موبائل فون ۽ روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا، هڪ معزز ماڻهو، عالم دين ۽ سياسي اڳواڻ به رهزني جي وارداتن کان محفوظ ڪونهي ته پوءِ عام ماڻهو جي ڇا صورتحال هوندي. سنڌ مان امن جو پکي ڇو اڏامي ويو آهي ۽ هتان جي عوام لاءِ امن هڪ خواب ڇو بڻجي ويو آهي؟ اهو خواب پورو به ٿيندو يا سنڌ جو عوام ائين ئي ڀوڳيندو رهندو.

 اھا ھڪ حقيقت آھي  ته جيستائين ظالم سردارن، ڀوتارن، ڌاڙيلن ۽ پوليس کاتي ۾ موجود ڪارين رڍن وچ ۾ موجود ڳٺ جوڙ ختم ۽ ڏوهارين خلاف سياسي وابستگين کان مٿاهون ٿي ڪري آپريشن ۽ قانون جي پڪڙ ۾ نه آندو ويندو تيستائين سنڌ ۾ امن امان جي بحالي ۽ سنڌ واسي سُک جو ساهه کڻي نٿا سگهن. ھن سال سنڌ سرڪار 234 ارب رپيا امن امان جي بجيٽ رکي آھي ايمرجنسي آپريشن يعني مني بجٽ وانگر کانچو الڳ آھي .ڏسجي ته ھاڻي به سنڌ واسين کي امن ملي سگھندو يا اھو خواب ئي رھندو اھو ته ايندڙ وقت ئي ٻڌائيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.