بجلي هڪ رپيو 16 پيسا سستي ٿيڻ جو امڪان

اسلام آباد (م ڊ) نئين مالي سال لاءِ گهريلو واهپيدارن جي بجلي ٽيرف ۾ 1 رپيو 16 پئسا في يونٽ تائين گهٽتائي جي تجويز تيار ڪئي وئي آهي، جيڪا پاور ڊويزن طرفان نيپرا ۾ جمع ڪرائي وئي آهي. تجويز موجب وڌ ۾ وڌ ٽيرف 47.69 رپيا، ۽ لائف لائين ٽيرف 3.95 رپيا في يونٽتائين برقرار رهڻ جو امڪان آهي. نيپرا طرفان ٻڌڻي پهرين جولاءِ تي طئي ڪئي وئي آهي. ياد رهي ته نيپرا اڳ ئي 1.5 رپيا في يونٽ گهٽتائي جي منظوري ڏئي وفاقي حڪومت ڏانهن سفارش اماڻي آهي. تجويز موجب، هڪ کان 100 يونٽ تائين پروٽيڪٽڊ واهپيدارن لاءِ ٽيرف 10.54 رپيا ۽ 101 کان 200 يونٽ لاءِ 13.01 رپيا رکڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. نان پروٽيڪٽڊ واهپيدارن لاءِ 1 کان 100 يونٽ جو نئون ٽيرف 22.44 رپيا، 101 کان 200 يونٽن لاءِ 28.91 رپيا، 201 کان 300 يونٽن لاءِ 33.10 رپيا ۽ 301 کان 400 يونٽن لاءِ 37.99 رپيا تجويز ٿيو آهي. ان سان گڏ، 401 کان 500 يونٽن تائين ٽيرف 40.22 رپيا، 501 کان 600 يونٽ لاءِ 41.62 رپيا، 601 کان 700 يونٽ لاءِ 42.76 رپيا ۽ 700 يونٽن کان مٿي لاءِ ٽيرف 47.69 رپيا رکڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي آهي، جيڪا موجوده ٽيرف کان گهٽ آهي. پاور ڊويزن جو چوڻ آهي ته ٽيڪسن سميت اصل في يونٽ قيمت وڌي سگهي ٿي، پر بنيادي ٽيرف ۾ هي رعايت لاڳو ٿيڻ سان عام واهپيدارن کي رليف ملندو. لائف لائين ڪٽيگري جي 50 يونٽن تائين واهپيدارن لاءِ ٽيرف اڳ جيان 3.95 رپيا ۽ 51 کان 100 يونٽن لاءِ 7.74 رپيا برقرار رکڻ جي تجويز آهي. ياد رهي ته نيپرا اڳ ئي بنيادي ٽيرف ۾ 1.5 رپيا في يونٽ گهٽتائي جي منظوري ڏئي وفاقي حڪومت ڏانهن فيصلو اماڻيو هو، جنهن جي بنياد تي هاڻي تفصيلي تجويزون سامهون آيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.