ڪراچي/حيدرآباد/سکر(رپورٽر/نمائندا) جيئي سنڌ قومي محاذ جي سڏ تي ڪارڪن کنڀي گم ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو آهي. جسقم ضلعي نوشھرو فيروز جي اڳواڻن فيصل مستوئي ۽ عزيز ڀنگوار کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف جسقم مرڪزي سڏ تي مٺياڻي ۾ شھباز مستوئي ، ظفر کوکر ، نظير احمد مستوئي ، جميل احمد سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بک ھڙتال ۽ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ڪوٽڙي ۾ ديدار شام، علي بخش ڪابورو، جبران سومرو، ببلو برفت جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو. سڪرنڊ ۾ بشير شر، رستم شر، فيصل مستوئي، عزيز ڀنگوار سميت ٻين ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف قاضي سرفراز ميمڻ چوڪ تي سخت احتجاج ڪيو ويو. ان موقعي تي مصطفٰى زئور، مورڙو مير بحر، برڪت جلباڻي چيو ته سنڌ جي وسيلن، زمينن تي قبضن ۽ سنڌو درياھ مان غيرقانوني ڪئنال ڪڍڻ خلاف قومي ڪارڪن احتجاج ڪن ٿا ته انهن کي گرفتار ڪري گم ڪيو وڃي ٿو. لاڙڪاڻي ۾ جسقم قائد عوام پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي جسقم جي مرڪزي اڳواڻ اطهر سومرو، جسقم ضلعي صدر عزيز الرحمان شيخ، جساف جي مرڪزي اڳواڻ اشرف ڪلهوڙو، جسقم اڳواڻ صفدر جتوئي، فراز کهاوڙ، آفتاب ميراڻي، راحب سومرو، بشير جتوئي، تعلقي صدر ارشاد ملگاڻي، امتياز موريو، طارق جتوئي ۽ ٻين خطاب ڪيو. اڳواڻن چيو ته جيڪڏهن قومي ڪارڪنن مٿان الزام آهن ته کين قانون موجب عدالتن ۾ پيش ڪري ڪيس هلايا وڃن.