ڪراچيءَ کان روهڙي تائين نئين ريلوي لائين وڇائي ويندي:وفاقي وزير ريلوي

لاهور(بيورو+م ڊ)وفاقي وزير ريلوي حنيف عباسي اعلان ڪيو آهي ته ڪراچيءَ کان روهڙي تائين نئين ريلوي لائين وڇائي ويندي، جڏهن ته غيرفعال عملدارن لاءِ واضح ڪيو ويو آهي ته هاڻ يا ته ڪم ڪندا، نه ته استعيفائون ڏين، لاهور ريلوياسٽيشن تي نصب ٿيل ايسڪيليٽر جي افتتاح جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي حنيف عباسي چيو ته لاهور، راولپنڊي ۽ ٽيڪسلا ريلوي اسٽيشنن تي ايسڪيليٽر لڳايا ويا آهن، ۽ پنجاب حڪومت 40 اسٽيشنن تي وائي فاءِ جي سهولت مهيا ڪري رهي آهي،هن چيو ته ڪراچي ريلوي اسٽيشن کي سنڌ حڪومت سان گڏجي آئوٽ سورس ڪرڻ جو به منصوبو آهي، وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته ريلوي ۾ ڊالرز جي برسات نه ٿي رهي، جيڪڏهن مون کي سفر ڪرڻو پيو ته پنهنجي ذاتي کاتي مان ڀاڙو ادا ڪندس، هن واضح ڪيو ته سي اي او، چيئرمين سميت جيڪو به سفر ڪندو، اهو پنهنجو خرچ پاڻ ڀريندو، هن اعلان ڪيو ته ريلوي آفيسرن جي پرڏيهه دورن تي پابندي لڳائي وئي آهي .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.