ڪراچي جي 20 روڊن تي چنگچي رڪشن تي پابندي،هزارين ماڻهن جو روزگار ختم

ڪراچي (م ڊ)ڪراچي جي مصروف رستن تي وڌندڙ ٽرئفڪ مسئلن ۽ حادثن جي روڪٿام لاءِ  ٽرئفڪ پوليس شهر جي 20 مخصوص رستن تي ٽو پلس ون ۽ فور پلس ون رڪشن جي اچ وڃ تي جزوي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آھي.ڊي آءِ جي ٽرئفڪ ڪراچي پير محمد شاھ جو چوڻ آھي تھ هي بندش يا پابندي بنيادي ٽرانسپورٽ ڊپارٽمينٽ، ٽرئفڪ پوليس ۽ ڪمشنر آفيس گڏجي روڊن جو تفصيلي معائنو ٽرئفڪ جي ڳاڻيٽي ۽ متبادل ٽرانسپورٽ کي ڏسندي پابندي لڳائي وئي.پهرين مرحلي ۾ 11 روڊ ن تي چنگچي رڪشن تي پابندي لڳائي وئي ۽ هاڻي وڌيڪ 9 شامل ڪري ڪل 20 روڊن تي  اھڙي پابندي آھي.ڪراچي جي مک رستن  جيڪي تقريبا 20-25 آهن، انھن  تي هي بندش لاڳو ڪئي وئي آهي، باقي جيڪي به روڊ آهن، انهن کي فيڊر روڊ چيو وڃي ٿو، جتي رڪشا هلائي سگهجنٿا.11 روڊن تي پابندي کانپوءِ سٺو فيڊبيڪ مليو، سرڪاري بسن ۾ واڌ ٿي، رائيڊرشپ وڌي، تنهن ڪري وڌيڪ 9 روڊن تي به بندش لاڳو ڪئي وئي آهي۔11 رستن تي بندش وقت اسان کي سخت مزاحمت کي منهن ڏيڻو پيو، پر اسان حڪومت جي حڪم تي عملدرآمد يقيني بڻايو،هن چيو ته  جيڪڏهن هاڻي ڪو رڪشا انهن پابند ٿيل رستن تي هلندو ته ان تي ڪاروائي ٿيندي، دفعا 188 تحت ايف آءِ آر داخل ٿي سگهي ٿي، ۽ ٽرانسپورٽ ڊپارٽمينٽ پاران جاري ڪيل فٽنيس سرٽيفڪيٽ به رد ٿي سگهن ٿا۔اسان پهريون قدم کنيو آهي ته "فيسليس اي-چالان” يعني روڊ تي بيهي نه پر ڪئميرا جي ذريعي قانون جي ڀڃڪڙي رڪارڊ ڪري، گھر تائين اي-ٽڪيٽ موڪلي ويندي،چنگچي رڪشا يونين جي صدر عمران زيدي چيو ته ڪراچي ۾ چنگچي رڪشا 2007ع جي ٻوڏ کان پوءِ آيا،موٽر ڪيب رڪشا ايڪسائز مان رجسٽرڊ ٿيل آهن،انهن کي ٽرانسپورٽ کاتي روٽ پرمٽ ڏني هئي،هن چيو ته انهن رڪشائن کي بند ڪرڻ جو سبب ڊي آءِ جي ٽريفڪ پاران اعتراض ڄاڻايو ويو آهي،ٽرانسپورٽرن جي شڪايت تي رڪشا بند ڪيا پيا وڃن،انهن ٽرانسپورٽرن جي پنهنجي قانوني حيثيت سواليه نشان آهي،اسان جا 60 هزار رڪشا رجسٽرڊ آهن،لکين ماڻهن جو روزگار واڳيل آهي،هن چيو ته اسان وٽ مڪمل تفصيل موجود آهي ته هڪ رُوٽ آپريٽر شڪايت ڪئي ته هن جي رُوٽ تي چنگچي رڪشا ھلي ٿو. پر اسان تھ رڪشا پبلڪ ڊيمانڊ تي آڻيون ٿا.اسان ته گذريل پنجن ڏينهن کان بک هڙتال تي آهيون، ڇهون ڏينهن هيو اڄ. مينهن ۾ به اسان اتي ويٺا هئاسين.هن چيو ته  هاڻ ته اسان مٿان ڪيس، ۽ 26,000 رپيا جا چالان ٿي رهيا آهن.ڪمشنر صاحب چيو ته جيئن ئي ڊي آءِ جي موڪل تان موٽندو، مان ٻن ٽن ڏينهن اندر ملاقات ڪرائيندس، يعني ايندڙ هفتي ۾، اسان جي مسئلي جو حل نڪري سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.