اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ترڪيا جي پرڏيهي وزير حقان فدان سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو، ٻنهي اڳواڻن ٻه طرفي لاڳاپن ۽ علائقائي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهيوزير سينيٽر اسحاق ڊار ۽ ترڪيا جي پرڏيهي وزير حقان فدان جي وچ ۾ آچر ڏينهن ٽيليفوني ڳالهه ٻولهه ٿي، جنهن دوران ٻه طرفي ۽ ڪثيرالملڪي سهڪار بابت معاملن تي خيال ونڊيا ويا. ٻنهي اڳواڻن تازي علائقائي تبديلين تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي، ۽ 10 کان 11 جولاءِ تائين ڪوالالمپور ملائيشيا ۾ ٿيندڙ آسيان ريجنل فورم بابت پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن علائقائي استحڪام ۽ گڏيل سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.