اسلام آباد (م ڊ) نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) پاران پنجاب، خيبر پختونخوا ۽ سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ ٻن ڏينهن دوران آنڌاري سان گڏ تيز برسات جو امڪان ظاهر ڪندي الرٽ جاري ڪيو ويو آهي. اداري موجب، سنڌ جي ڪراچي، حيدرآباد، سکر، ٿرپارڪر، بدين ۽ عمرڪوٽ سميت ٻين ضلعن ۾ طوفاني برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. جڏهن ته پنجاب جي لاهور، اسلام آباد، راولپنڊي، فيصل آباد، گوجرانوالا ۽ ميانواڻي ۾ به تيز هوا سان برسات جو امڪان آهي. ساڳي طرح، ڪي پي جي چترال، سوات، ايبٽ آباد، مانسهرا، پشاور، بنون ۽ وزيرستان ۾ به تيز برسات جو امڪان آهي. اين ڊي ايم اي خبردار ڪيو آهي ته شھري علائقن ۾ اربن فلڊنگ ۽ جابلو علائقن ۾ لينڊ سلائيڊنگ ٿي سگهي ٿي، تنهن ڪري متاثر علائقن جي رهواسين کي غير ضروري سفر کان پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.