سوات / اسلام آباد / پشاور (م ڊ) خيبرپختونخوا جي ماٿري سوات ۾ تيز برسات سبب درياهه ۾ چاڙهه اچي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 7 هنڌن تي 80 کان وڌيڪ ماڻهو پاڻي وهڪرن ۾ وڙهي ويا جن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل هئا. ريسڪيو ذريعن مطابق 10 لاش مليا، 55 ماڻهن کي بچايو ويو، جڏهن ته 20 کان وڌيڪ ماڻهن جي ڳولا لاءِ آپريشن ڪيو ويو. باءِ پاس وٽ غيرقانوني ٺاهيل واريءَ جي دڙي تي نيرن ڪندڙ سياحن جا 3 ڪٽنب لڙهي ويا. اکين ڏٺن شاهدن موجب، اوچتو درياهه جي سطح بلند ٿي ۽ وهڪرو تيز ٿيڻ سبب ماڻهو بچي نه سگهيا. مقامي ماڻهن ضلعي انتظاميا ۽ ريسڪيو 1122 کي اطلاع ڏنو، پر امدادي ٽيمون دير سان پهتيون. رڳو بائي پاس واري علائقي مان 17 کان وڌيڪ ماڻهو گم ٿيا. ريسڪيو ترجمان موجب، ٻين هنڌن تان به ڪيترا بچايا ويا آهن، پاڪ فوج به ريسڪيو ۽ ريليف آپريشن ۾ شامل ٿي وئي آهي. سانحي کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف ۽ خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور افسوس جو اظهار ڪندي لاش ڳولڻ ۽ درياهن جي ڪنارن تي حفاظتي انتظام سخت ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وڏي وزير انتظامي غفلت تي ايڪشن وٺندي اسسٽنٽ ڪمشنر بابوزئي، خوازا خيلا، ايڊِيشنل ڊي سي رليف ۽ ريسڪيو ضلعي انچارج کي معطل ڪري ڇڏيو.