ڪراچي(رپورٽر) سنڌ اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ علي خورشيدي چيو آهي ته معمولي برسات صوبائي ۽ شهري حڪومت جي ترقياتي دعوائن کي ڌوڙ ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ اسيمبليءَ ۾ ڳالهائيندي علي خورشيدي صوبائي حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته ڪجهه وقت جي مينهن ئي انهن جي سڀني واعدن ۽ دعوائن کي بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي، هن چيو ته ملڪ کي پاليندڙ شهر ڪڏهن تائين سسڪندو رهندو؟ شهري حڪومت نالن جي صفائي جهڙو بنيادي ڪم به نه ڪري سگهي، علي خورشيدي خبردار ڪيو ته تيز برساتن جي صورت ۾ شھري نظام مڪمل طور تي درهم برهم ٿي سگهي ٿو.