ڪراچي/حيدرآباد/سکر (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ تيز برساتن جو سلسلو جاري آهي، جنهن سبب مختلف حادثن ۾ جاني نقصان پڻ ٿيو. رپورٽن موجب، سنڌ ۾ ٻن ڏينهن کان تيز برساتن دوران مختلف واقعن ۾عورتن ۽ ٻارن سميت 9 ڄڻا فوت ٿي ويا. ڪيترن ئي علائقن ۾ ڪلاڪن تائين بجلي جي فراهمي معطل رهي. برساتن سبب متاثر علائقن ۾ ڪراچي، حيدرآباد، گھوٽڪي، سانگھڙ، ڪوٽڙي، خيرپور، ٽنڊو باگو، ميهڙ، ڀرياسٽي، ٺارو شاهه، ڪوٽ لالو، ٻانڌي، دوڙ، ڪنڊيارو، نوابشاهه، قاضي احمد، نصيرآباد، مٺي، ننگرپارڪر، ڪنري، چيلهار، جهول، ڪنڊياري، کپرو، سنڌڙي شامل آهن. موسميات کاتي جي اڳڪٿي موجب، ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، ميرپورخاص، بدين، دادو، سکر، لاڙڪاڻي، جيڪب آباد، خيرپور، گھوٽڪي ۽ ڪراچي سميت ٻين شهرن ۾ ٻن ڏينهن دوران تيز برساتن جو امڪان آهي. ڪراچي ۾ آچر تائين آنڌاري، کنوڻ ۽ گجگوڙ سان برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. ڪراچي ۾ لڳاتار ٽن ڪلاڪن جي وسڪاري موسم خوشگوار بڻائي ڇڏي، جڏهن ته گرمي جو زور به ٽٽي پيو. موسميات کاتي جي انگن اکرن مطابق شهر ۾ سڀ کان وڌيڪ برسات گلشن حديد ۾ 17 ملي ميٽر رڪارڊ ٿي. يونيورسٽي روڊ تي 13 ملي ميٽر، شارع فيصل تي 12 ملي ميٽر ۽ ايئرپورٽ تي 9.3 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي. ناظم آباد، نارٿ ڪراچي، اورنگي ٽائون، ڊي ايڇ اي، قائدآباد، سعدي ٽائون، سرجاني، ڪيماڙي، گلشن معمار، ڪورنگي ۽ صدر سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ پڻ برسات ٿي. موسميات کاتي آچر تائين وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ۽ لاڳاپيل ادارن کي الرٽ رهڻ جي هدايت ڪئي آهي. ڀارتي گجرات ريجن ۽ اتر عربي سمنڊ ۾ گردش جي شدت وڌي وئي آهي، جنهن سبب سنڌ جي مختلف علائقن ۾ وڌيڪ برسات جو امڪان آهي. ٿرپارڪر ۾ ٻن ڏينهن دوران تيز برسات سان گڏ کنوڻ ڪرڻ سبب ٻن نياڻين سميت 30 کان وڌيڪ ڍور مري ويا. 14 ورهين جي پونا ڌيءَ جيتمال ڀيل، ڳوٺ ساڪرويرو مان گاھ ڪري موٽي رهي هئي ته کنوڻ ڪرڻ سبب فوت ٿي ويئي، جڏهن ته ساڳئي ڳوٺ ۾ اندرسنگھ ورڌو جي زال به گهر تي وڄ ڪرڻ سبب حياتي وڃائي ويئي. ڳوٺ موکار جوڻيجو ڀرسان ڪرڙ جي ڊاڻي ۾ عبدالقيوم جي چونري تي کنوڻ ڪرڻ سبب هڪ ٻڪري سميت سمورو سامان ساڙي رک ڪيو. اسلامڪوٽ جي ڳوٺ ڌرم ويري ۾ پورهيت سگرام ميگھواڙ جون 12 ٻڪريون وڄ سبب مري ويون، جڏهن ته ننگرپارڪر جي ڳوٺ پانٽيا ۾ پريم سنگھ ڀاٽي جون 9 ٻڪريون وڄ جي ور چڙهي ويون. مٺي ۾ 53، اسلام ڪوٽ ۾ 30، ڏاهلي 23، ڪلوئي 22، ڇاڇرو 15 ۽ ڏيپلو ۾ 8 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي. سانوڻي جي شروعاتي برسات سان ٿر واسين جي چهري تي مرڪون موٽي آيون آهن ۽ هارين فصل لاءِ تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن. سنڌ جي مختلف شهرن ۾ تازين برساتن نه رڳو موسم خوشگوار بڻائي ڇڏي آهي پر انتظامي نااهلي سبب ڪيترن ئي علائقن ۾ ماڻهن کي ڏکيائين جو به منهن ڏسڻو پيو آهي. حيدرآباد جي علائقن لطيف آباد، قاسم آباد ۽ هيٺانهين علائقن ۾ پاڻي بيهي ويو، بجلي 24 ڪلاڪ تائين بند رهي، نالن جي صفائي نه ٿيڻ سبب گندو پاڻي گهٽين ۾ جمع ٿي ويو. چيلهار، ڀوريلو، ڦلجي جو تڙ، هريار ۾ تيز هوا سان برسات کانپوءِ بجلي بند ٿي وئي جڏهن ته ڊرينيج ناڪاره ۽ واٽر سپلاءِ بند ٿي وئي. چوپائي مال لاءِ چاري جي اميد سان مالوند خوش ٿي ويا. خيرپور ۾ پنجن منٽن جي برسات ميونسپل نظام کي وائکو ڪري ڇڏيو. سانگهڙ، جھول، ڪنڊياري، کپرو ۾ طوفاني برسات سبب ڇتيون، سولر پليٽون اڏامي ويون. زرعي فصلن کي نقصان رسيو، واپارين ڪپهه جا اگهه ڪيرايا. سنڌڙي ۾ تيز برسات ۽ طوفان سان ڇتيون، وڻ ۽ سولر پليٽون پٽ پئجي ويون. بجلي، مواصلاتي نظام ڊانوانڊول ٿي ويو. نوابشاهه ۾ زوردار برسات سان گرمي جو زور ٽُٽي ويو. نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) پاران پنجاب، خيبر پختونخوا ۽ سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ ٻن ڏينهن دوران آنڌاري سان گڏ تيز برسات جو امڪان ظاهر ڪندي الرٽ جاري ڪيو ويو آهي. اداري موجب، سنڌ جي ڪراچي، حيدرآباد، سکر، ٿرپارڪر، بدين ۽ عمرڪوٽ سميت ٻين ضلعن ۾ طوفاني برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. جڏهن ته پنجاب جي لاهور، اسلام آباد، راولپنڊي، فيصل آباد، گوجرانوالا ۽ ميانواڻي ۾ به تيز هوا سان برسات جو امڪان آهي. ساڳي طرح، ڪي پي جي چترال، سوات، ايبٽ آباد، مانسهرا، پشاور، بنون ۽ وزيرستان ۾ به تيز برسات جو امڪان آهي. اين ڊي ايم اي خبردار ڪيو آهي ته شھري علائقن ۾ اربن فلڊنگ ۽ جابلو علائقن ۾ لينڊ سلائيڊنگ ٿي سگهي ٿي، متاثر علائقن جي رهواسين کي غير ضروري سفر کان پاسو ڪن.
ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.