پيٽروليم ليوي جو عوام تي وڌل بار

تحرير: ڪاشف سعيد شيخ 

ٽيڪس سان ڀريل عوام دشمن بجيٽ پيش ڪرڻ کان پوءِ، شهباز حڪومت تيل جي اگھن ۾ 8 رپيا واڌ ڪري ڇڏي آهي، ڄڻ ته مهانگائي، ظلم ۽ ناانصافي جي ماريل  عوام تي ڊرون حملو ڪيو ويو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب، حڪومت پيٽرول جي قيمت ۾ 4.80 رپيا في ليٽر ۽ ڊيزل ۾ 7.95 رپيا في ليٽر واڌ ڪري ڇڏي آهي. پيٽرول جي نئين قيمت 258.43 رپيا في ليٽر آهي، جڏهن ته ڊيزل جي نئين قيمت 262.59 رپيا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي. اها هڪ حقيقت آهي ته تيل جي قيمتن ۾ واڌ سان هر شيءِ جي قيمت آسمان کي ڇهندي. غريب ماڻهن جا مسئلا جيڪي اڳ ۾ ئي غربت، مهانگائي ۽ بيروزگاري جو شڪار آهن، انهن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. اهو واڌارو نه رڳو سڌو سنئون ماڻهن تي مهانگائي جو بار وڌائي ٿو، پر اڻ سڌي طرح انهن کي مهانگائي جو به منهن ڏيڻو پوي ٿو، جنهن ۾ ٽرانسپورٽ ۽ روزانو عام واهپي وارين شين جي قيمتن ۾ اضافو شامل آهي.

پي ڊي ايم جي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو هو ته هو اٽو سستو ڪرڻ لاءِ پنهنجا ڪپڙا به وڪڻندو، پر اڄ پنهنجي دعوائن ۽ واعدن جي ابتڙ، ٽيڪسن سان ڀريل عوام دشمن بجيٽ پيش ڪرڻ کان پوءِ، هاڻي پيٽرول، گئس ۽ بجلي جي قيمتن ۾ اضافو ڪري غريب ماڻهن کان جيئڻ جو حق کسڻ چاهي ٿو. حڪومت اڳ ئي هر ليٽر تيل تي ڪيترن ئي قسمن جا ٽيڪس وصول ڪري رهي آهي۽ هاڻي اضافو مهانگائي جو هڪ نئون طوفان آڻيندو. تازو هڪ رپورٽ ۾ اھو به  انڪشاف ٿيو آهي ته حڪومت ٽيڪس، ڊيوٽي ۽ مارجن جي نالي تي پيٽرول جي في ليٽر 107.12 رپيا ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي في ليٽر 104.59 رپيا وصول ڪري رهي آهي. سرڪاري دستاويزن موجب، پيٽرول ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي 70 رپيا في ليٽر ليوي لاڳو ڪئي وئي آهي. پيٽروليم ليوي جو سڀ کان وڏو بار شهرين تي لڳايو ويو آهي. دستاويز موجب، هاءِ اسپيڊ جي في ليٽر 15.78 رپيا ڪسٽم ڊيوٽي پڻ شامل آهي، جڏهن ته ڊيلرز جو ڪميشن پيٽرول ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي 8.64 رپيا في ليٽر آهي. اهو سچ آهي ته ايران-اسرائيل جنگ دوران عالمي منڊي ۾ تيل جي قيمتن ۾ واڌ هڪ قدرتي ڳالهه آهي، پر سوال اهو به پيدا ٿئي ٿو ته جيڪڏهن عالمي منڊي ۾ تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي ٿئي ٿي ته پوءِ ان جو فائدو عوام تائين ڇو نه ٿو پهچايو وڃي؟ ان وقت حڪومت پيٽروليم ليوي يا ٻين ٽيڪسن ۾ گهٽائي وڌائي ٿي ۽ ان کي سرڪاري خزاني ۾ وجهي ٿي ته جيئن حڪومت جو روينيو برقرار رهي، پر هن گهٽتائي جو ڪو به فائدو سڌو سنئون عام صارفين تائين پهچڻ نه ٿو ڏنو وڃي.

حڪومت جيڪڏهن صرف فضول خرچي ۽ مفت خوري  به ختم  ڪري ته قومي خزاني کي بچائي سگهجي ٿو ۽ عوام کي وڏو رليف ملي سگهي ٿو. 17 جون تي ميڊيا ۾ آيل  رپورٽ موجب، سنڌ جي ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾، مختلف کاتن لاءِ پيٽرول لاءِ 15.4 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن، جن مان پوليس کي سڀ کان وڌيڪ 8 ارب رپيا ملندا. سڄي قوم کي خبر آهي ته پوليس جون گاڏيون ۽ پوليس ٿاڻان ڪيئن هلن ٿا! اهڙي طرح، سنڌ اسيمبلي لاءِ پيٽرول لاءِ 70 ملين رپيا مختص ڪيا ويا آهن. بيوروڪريسي کي تمام گهڻو پيٽرول ملندو آهي جنهن جو غلط استعمال ڪيو ويندو آهي، جڏهن ته صوبائي وزير کي 600، صلاحڪار کي 500 ۽ خاص مددگار کي هر مهيني 400 ليٽر پيٽرول ملندو آهي. وڏي وزير جو ته ڪوحساب ڪتاب ئي ناهي. پوءِ هن ضرورت کي پورو ڪرڻ لاءِ، ڪرپشن جا دروازا کُلي ويندا آهن ۽ وزيرن توڙي بيوروڪريسي جا ٻار ٻچا” مال مفت دل بي رحم “ وانگر ڪوٽا پوري ڪرڻ لاءِ ضايع ڪندا رهندا آهن. هي صرف سنڌ صوبي جو حال آهي، وفاق ۾ اڃا به وڌيڪ مراعات ۽ سهولتون هونديون. هڪ غريب  ملڪ ۾ جنهن جي بجيٽ جو اڌ حصو وياجي قرضن جي ادائيگي ۾ ويندو آهي، حڪمرانن جو فضول خرچي دل ٽوڙيندڙ عمل آهي. الله تعاليٰ حڪمرانن ۽ هن ملڪ جي عوام جي صورتحال تي رحم ڪري. ائين محسوس ٿئي ٿو ته حڪومت وٽ عوام کي رليف ڏيڻ جو ڪو به منصوبو ناهي، حڪومت کي گهٽ ۾ گهٽ پيٽروليم ليوي گهٽائڻ گهرجي ته جيئن ماڻهو ڪو سک جو ساهه کڻي سگهن. تنهن ڪري عوامي مفادن خاطر نه صرف تيل جي قيمتن کي گهٽايو وڃي گڏوگڏ  مهانگائي کي گھٽائڻ لاءِ بجلي ۽ گيس جا اگهھ به گھٽايا وڃن.حڪومت کي پنهنجي فضول خرچي کي ختم ڪري ۽ عام ماڻهو کي رليف فراهم ڪرڻ گهرجي.

پيٽرول ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي 70 رپيا في ليٽر ليوي لاڳو ڪئي وئي آهي. پيٽروليم ليوي جو سڀ کان وڏو بار شهرين تي لڳايو ويو آهي. حڪومت کي گهٽ ۾ گهٽ پيٽروليم ليوي گهٽائڻ گهرجي ته جيئن ماڻهو ڪو سک جو ساهه کڻي سگهن. تنهن ڪري عوامي مفادن خاطر نه صرف تيل جي قيمتن کي گهٽايو وڃي گڏوگڏ  مهانگائي کي گھٽائڻ لاءِ بجلي ۽ گيس جا اگهھ به گھٽايا وڃن.حڪومت کي پنهنجي فضول خرچي کي ختم ڪري ۽ عام ماڻهو کي رليف فراهم ڪرڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.