گذريل ڏيڍ مھينن کان ضلعي ملير جي مختلف علائقن ۾ زمين لڏي (بصورت زلزلو) رھي آھي جنھن جو مرڪز قائدآباد ٻڌايو وڃي ٿو جتي ھر ڏينهن زمين لڏي رهي آهي جنهن جو دورانيو ته گهٽ آهي پر جھٽڪو وڏو اچي رهيو آهي جنهن ڪارڻ عوام پريشاني واري زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي ويو آهي.
منهنجي ذاتي سروي مطابق قائدآباد ۽ ان سان گڏ ڀروارن علائقن ۾ گذريل ڪيترن ئي سالن کان پاڻي جون وڇايل لائنون پراڻيون ٿي ويون آهن جنهن سبب واٽر سپلائي ذريعي پاڻي فراهم ٿيڻ بند ٿي ويو آهي ۽ قائدآباد ۽ ڀر پاسي وارن علائقن جي ماڻهن جر جو پاڻي استعمال ڪرڻ لاءِ ڊرلنگ شروع ٿي وئي سروي موجب چار سال اڳ جر 70 فٽ تائين ھيو جيڪو وڌندو ھاڻ 150 تائين جر ذريعي پاڻي ڪڍڻ لاءِ ڊرلنگ ڪئي پئي وڃي جيڪا اڄ به قائدآباد جي ڪيترن ئي ڳلين ۾ ڊرلنگ جاري آهي ( سرڪار روينيو کاتي يا ٻي ڪنهن لاڳاپيل کاتي کان رپورٽ طلب ڪري سگهي ٿي)
ڪيترن ئي شايع ٿيل سروي رپورٽ مطابق ملير جي زمين ريتيلي آهي ان زمين مان ڪيترن ئي ڏھاڪو سالن کان ريتي بجري روزاني بنياد تي سوين ٽن غير قانوني طور ڪڍي کپائي وڃي پئي ريتي بجري ڪڍڻ لاءِ کوٽائي سبب ملير ڏانهن وڃبو ته اونھا اونھا (وڏا وڏا ) کڏا نظر ايندا ھيٺ نھاربو ته دل ڏڪڻ شروع ٿي ويندو. ريتي بجري چوري ۾ ملوث ڪردارن کي اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به پنهنجي پڪڙ ۾ ناهي آندو.
جڏهن ته ملير ۾ پاڻي جو قدرتي لنگهھ ھڪ ئي آهي جنهن کي ملير ندي چيو ويندو آهي جنهن ۾ گڏاپ جي جابلو علائقن مان ۽ برسات ذريعي پاڻي سمنڊ تائين پھچندو ھو ساڳيو پاڻي ڀر پاسي وارن علائقن ۾ پاڻي زمين ۾ وڃي جر کي آب تاب ڪري پيو اھو سلسلو ملير ندي جي پيٽ ۾ قائدآباد ملير پل کان گذريل ڪيترن ئي سالن کان ٿيل قبضن سبب گهر تيار ٿي ڪالوني شڪل اختيار ڪري وئي آهي جيڪا چار سال اڳ آيل برسات ۾ پاڻي سان ندي جي ڀرجي وڃڻ تي سمورا گهر ٻڏي ويا هئا رھواسين کي مقامي سرڪار ريسڪيو ڪري ٻاهر ڪڍيو ويو هو ندي مان پاڻي گهٽجڻ بعد ماڻهو واپس ساڳين گهرن ۾ منتقل ٿيڻ سان گڏ وڌيڪ گهر تعمير ٿي ويا جتي ھاڻي ھزارين گهر ٺھي ويا ( سرڪاري ادارا عام زمين تي ڪنهن کي گهر ٺاهڻ ناهن ڏيندا جڏهن ته اوائلي ڳوٺن کي به قبضو قرار ڏئي ڊاھڻ شروع ڪندا آهن پر ندي جي بند ۽ پيٽ ۾ ايترا گهر تعمير ٿيڻ ۽ سرڪار طرفان ڪابه ڪارروائي نه ڪرڻ سمجھه کان ٻاهر آهي) جن کي بجلي جا ميٽر به انسٽال ڪري ڏنا ويا آهن اھا بنيادي ڳالھه نوٽ ڪرڻ جھڙي آهي ته بجلي جا ميٽر ان گهر کي انسٽال ڪري ڏنو ويندو آهي جيڪو علائقو / ڳوٺ / ڪالوني / سوسائٽي روينيو رڪارڊ يا ڊيولپمينٽ اٿارٽي طرفان منظور ٿيل ھجئي گهر جو لي آئوٽ پلان / ڊمارڪيشن ۽ پزيشن آرڊر مليل ھجي پر ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا آهن.
ٻئي طرف سنڌ سرڪار پاران ميگا پروجيڪٽ شاھراه ڀٽو ملير ندي جي ڪناري تي تعمير ڪيو وڃي ٿو قيوم آباد کان ملير پل تائين مٽيءَ جو ڀرا ڪري روڊ ٺاھيو ويو آهي پر ملير پل کان ميمڻ ڳوٺ ( نياڻي جي مزار تائين) مٽي جي ڀرا بدران وڏا پلر انسٽال ڪيا پيا وڃن انهن پلرز ۾ وڏي مقدار ۾ لوھ ۽ سيمنٽ استعمال ٿئي پيو جنهن مٿان وري لوھ سان تيار ٿيل ڇت ڏئي روڊ تيار ڪري شاھراه ڀٽو جو ٽيون فيز مڪمل ڪيو ويندو. شاھراه ڀٽو پروجيڪٽ ترتيب ڏيڻ وقت سرڪار علائقي جي زميني ماحول تي آرڪيالوجسٽ ماھرن کان رپورٽ ترتيب ورتي وئي ھوندي ۽ سائنسي معائنو پڻ ڪرائڻ بعد ئي پروجيڪٽ جي منظوري ڏني وئي ھوندي ڇا سرڪار ڀرپاسي وارن علائقن جي زمين جو سائنسي معائنو ڪرائڻ لاءِ ماھرن کان مدد ورتي وئي هئي جيڪڏهن ورتي وئي ته ان ۾ ڪي اوڻايون سامھون آيون ته انھن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.
منهنجي خيال ۾ ضلعي ملير جي لانڍي، قائدآباد ۽ ٻين علائقن جي زمين جو سائنسي معائنو ڪرايو وڃي ۽ ڊرلنگ (جر وسيلي پاڻي ڪڍڻ) تي پابندي لاڳو ڪئي وڃي. انھن علائقن کي واٽر سپلائي ذريعي پاڻي فراهم ڪيو وڃي جڏهن ته ملير ندي جي پيٽ ۾ ٿيل قبضن کي فوري خالي ڪرايو وڃي ۽ ملير ندي ۾ پاڻي فراهم ڪيو وڃي جيئن جر تائين پاڻي پھچي سگهي. ملير مان ريتي بجري چوري ڪڍڻ تي پابندي لاڳو ڪري سختي سان عمل درآمد ڪرڻ گهرجي ملير پل کان اڳتي ڀرپاسي وارن علائقن جي زمين جو سائنسي معائنو ڪرائڻ ۽ رپورٽ اچڻ تائين شاھراه ڀٽو جو ڪم محدود ڪيو وڃي. سمورن ماھرن جي رپورٽ سان گڏ نتيجا ۽ عمل درآمد لاءِ عوام کي آگاھ ڪيو وڃي قائدآباد يا لانڍي ۾ ڪو وڏو نقصان ٿئي ان کان اڳ سرڪار نوٽيس وٺي عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ اپاءَ وٺڻ گهرجي.
ضلعي ملير جي لانڍي، قائدآباد ۽ ٻين علائقن جي زمين جو سائنسي معائنو ڪرايو وڃي ۽ ڊرلنگ (جر وسيلي پاڻي ڪڍڻ) تي پابندي لاڳو ڪئي وڃي. انھن علائقن کي واٽر سپلائي ذريعي پاڻي فراهم ڪيو وڃي جڏهن ته ملير ندي جي پيٽ ۾ ٿيل قبضن کي فوري خالي ڪرايو وڃي ۽ ملير ندي ۾ پاڻي فراهم ڪيو وڃي جيئن جر تائين پاڻي پھچي سگهي. ملير مان ريتي بجري چوري ڪڍڻ تي پابندي لاڳو ڪري سختي سان عمل درآمد ڪرڻ گهرجي