سنڌ جي مهاڻن سان سدائين ڪجهه نه ڪجه اهڙو ٿيندورهندو آهي. جيڪو نه ٿين گھرجي. پاڪستان ۽ پاڙيسي مُلڪ سوين سالن کان مڇي مارڻ Fish hunting جي ڪاروبار سان سلهاڙيل مهاڻن سان اڄ تائين ڪجهه ڄڻ بهتر نه پيو ٿئي ٻنهي مُلڪن جي مڇي مارڻ لاءِ آزاد ملاحن بدران ٺيڪيدار نظام قائم آهي. جيڪو ماهيگري پورهتن جو استحصال ڪندو رهي ٿو.
اقوام متحده جا انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزشن (ILO)موجب قومي ڪوسٽل ڪوسٽل اسٽيٽ ملاحن جي خودمختيار حقن جي ڳالهه سامونڊي ڪنارن تي اڪانامڪ زونز جي تعمير جي ڳالهه ڪري ٿي ته غريب پورهيت ماهيگرين لاءِ انهن ڪنارن تي روزگار جا وسيلا پيدا ڪري سگهجن ۽ ماهيگرين جي حوصلا افزائي ٿي سگهي اسان وٽ سنڌ جو هڪ 1046ميلن کان وڌيڪ سمنڊ سنڌ جي ڇهن ضلعن ڪياماڙي، ڏکڻ ، ملير ، ٺٺي ، سجاول ۽ بدين ضلعن کي لڳي ٿو.
سنڌ جي انهن سامونڊي حصن ۾ الزامن هيٺ ٻنهي مُلڪن جي جهيڙي ۾ عام غريب ملاح جو جيئن به جنجال ٿي وڃي ٿو. ملاح اونهي سمنڊ ۾ مڇي مارڻ وڃن ٿا ڪنهن سامونڊي طوفان يا قدرتي آفتن ايندي ڪنهن به مُلڪ جي ڄاڻايل حد ۾ لڳي ٿي اتان جي نيوي يا سامونڊي پوليس کين گرفتار ڪري پنهنجي مُلڪ جي زميني جيلن ۾ اماڻي ٿي پوءِ ماهيگر سالن جا سال هڪٻي جي جيلن ۾ گذرن ٿا. انهن جي جيل ۾ رهڻ دوران اهي مهاڻا تڏهن آزاد ڪيا ويا جڏهن پنهنجو ذهني توازن تائين وڃائي ويهندا آهن.
ڏکڻ ايشيا ۾ وري انگريزن جي اچڻ کانپوءِ هندستان جي ورهاڱي ۽ پاڪستان جي وجود اچڻ کانپوءِ هر نئين ڏينهن تي سياست تبديل ٿيندي رهي آهي. سنڌ جون سامونڊي سرحدون هندستاني گجرات ۽ مهاراشتر سان لڳن ٿيون. سموري سنڌ کي 1843ع تي انگريزن جي مڪمل ڪنٽرول کانپوءِ مراٺا بمبئي پريزيزينسي جو حصو بڻايو ويو هو. تڏهن کان پوءِ هندستان ۾ جڏهن صوبن ٺهڻ جي شروعات ٿي تهي بنگال مان بهار ۽ مراٺا بمبئي مان سنڌ کي الڳ ڪري 1935ع ۾ سنڌ کي صوبي جي حيثيت ڏني وئي. ته راجهستان 1949ع ۾ صوبائي حيثيت ڏني وئي ۽ گجرات کي مراٺا مهاراشتر مان الڳ ڪري 1960ع ۾ مڪمل صوبائي حيثت ڏني وئي.
هن وقت پاڪستان ۾ سنڌ ۾ ڪراچي جو بندر ڪراچي پورٽ ٽرسٽ، بن قاسم پورٽ ڪيٽي بندر،شاهه بندر سنڌ جا مشهور بندر آهن.
جڏهن ته ڀارتي گجرات جا پور بندر،ڄام نگر بندر ، ۽ بمبئي جو پورٽ مشهور آهن.
سنڌ جا مهاڻن جو روزگار سمنڊ سان آهي. ان ۾ ٺيڪيدار نظام به ڪم ڪري ٿو، ان مڇي جي ڪاروبار سان سنڌ پاڪستان جي معيشت به سلهاڙيل آهي.
پاڪستان ۾ سنڌ جي مهاڻن جي معاشي بحالي سکيا جي لاءِ سنڌ سرڪار توڙي وفاقي سرڪار پنهنجي پاران ڪم ڪندي رهي آهي. پر جڏهن به ٻنهي مُلڪن ڀارت ۽ پاڪستان ۾ حالتون ڪشيده ٿينديون آهن ته انهن جي ڪاوڙ ساڳن غريب مهاڻن تي پڻ ڪري ٿي. دنيا ۾ زميني سرحدون جو لڪيرون آهن پر سمنڊ ۾ ڪنهن به سرحد نه کاردار تار لڳائي سگهجي ٿي نه ڪنهن به مُلڪ جو جهنڊو لڳائي سگهجي ٿو سامونڊي پيماني موجب ناٽيڪل مائلز جو لفط استعمال ٿيندو آهي. 12 ناٽيڪل مائلز کان 22 ناٽيڪل مائلز هر مُلڪ جي پنهنجي سرحد ٿئي ٿي انکانپوءِ سمنڊ جي بين القوامي سرحد شروع ٿي وڃي ٿي.
سمنڊ جي مزاج ۽ سامونڊي پاڻين کي سمجهڻ جي لاءِ هڪ ادارو نيشنل انسيٽيوٽ آف اوشينو گرافي(NIO) ٺهيل آهي. جيڪو سائنس جي وزارت هيٺ ڪم ڪري ٿو هي مڪمل تحقيقي ادارو آهي جيڪون 1981ع ۾ ٺاهيو ويو هو. انهيءَ اداري سامونڊي ماحوليات تي ڪهڙي تحقيق ڪئي آهي. ٻنهي مُلڪن جي نيوي انهن مهاڻن کي گرفتار ڪري پنهنجي مُلڪن ۾ کڻي جيلن ۾ وجهي ٿي ٻنهي ملڪن ۾ طئه اهو ٿيل آهي ته جيڪڏهن غلطي سان ٻنهي مُلڪن جا مهاڻا هڪٻئي جي سرحد ۾ داخل ٿيندا ته کين جيل ۾ ڪائونسلر رسائي ڏني ويندي ڀلي اها گجرات ۾ هجي يا سنڌ ۾ هجي انهن کي غلطي سان سامونڊي سرحدن ۾ آيل مهاڻن کي وڪيل نه ملند آهن. انهن جي اڻ اعلانيل سزا مقرر ٿيل آهي 6 مهينا جيل ڪاٽي کين پنهنجن مُلڪن ڏانهن اماڻيو ويندو آهي پر جڏهن مُلڪن ۾ سرچاءُ واري صورتحال نه هوندي آهي. ته اهي مهاڻا سالن جا سال انهن هڪٻئي جي مُلڪ جي جيل ۾ سڙندا رهن ٿا. مليل ڄاڻ موجب هن وقت به سنڌ ۾ 255 ڀارت جا مهاڻا جڏهن ته سنڌ جا 50 مهاڻا قيد آهن. جن کي ڪڏهن ته مُلڪ راضي ٿي وڃن ته خير سگالي طور آزاد ڪري مُلڪن ڏانهن اماڻيو ويندو آهي. ۽ جيڪڏهن مُلڪ پاڻ ۾ راضي نه هجن ته پوءِ سالن جا سال اهي مهاڻا هڪٻئي جي مُلڪن جي جيلن ۾ قيدي ٿا گذارين ٿا. اڪثر قيد ۾ فوت به ٿي وڃن ٿا جيڪڏهن ڪائونسلر سرگرمي نه ٿئي ته اهي قيدي هڪٻئي جي ملڪن جي سرزمين تي امانتن دفن به ڪيا وڃن ٿا.
سارڪ (South Asian Regional Cooperation)جي جڏهن به سربراهي ڪانفرنس ٿي آهي ته ان ۾ مهاڻن جي جيلن ۾ سڙڻڻ ۽ رهڻ وارا مسئلا مٿاهان رهن ٿا. ۽ ان ۾ رڳو ڀارت ۾ قيد سنڌي قيد ناهن ابراهيم حيدري مان بنگالي،برمي قيد به اڪثر ڪري ڀارت پهچي ٿا وڃن جن جي شناخت پاڪستان وٽ موجود نه هئڻ ڪارڻ کين تمام گهڻا مسئلا پيش اچن ٿا.
ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته غريب ماهيگرين جو هر صورت ۾ ٻئي مُلڪ ڀارت ۽ پاڪستان بين القوامي قانونن کي آڏو رکندي ٻئي مُلڪ پنهنجن غريب ماهيگرين جو وڌ کان وڌ خيال رکن.
جيڪڏهن ٻئي رياستون پنهنجن انهن غريب مُهاڻن جو خيال نه ٿيون رکي سگهن ته گهٽ ۾ گهٽ به انهن کي ستائڻ وارو ته ڪم نه ڪن ملاحن جي حقن لاءِ دنيا ۾ تمام ڪم ٿئي پيو انهن جا سوشل سيڪيورٽي جا مسئلا حل آهن بهرحال اسان جيمهاڻن کي هر نئين ڏينهن تي ڪنهن نه ڪنهن جبر جو شڪار نه ٿين گهري.