قومي ھيرا ڪڏھن به مرندا ناھن، اهي جسماني طور ته ھي دنيا ڇڏي سگھن ٿا پر انھن جي سوچ، انھن جو فڪر ۽ سندن ڏسيل واٽ سدائين ڌرتيءَ واسين جي دلين ۽ جدوجھد ۾ زندھ رھندي آھي. سنڌ ڌرتي قدرتي ۽ معدني وسيلن سان مالامال آھي، جو ڏسڻ وارو کيس جنت جو ٻيو روپ سمجھي ٿو، پر بد قسمتيءَ سان ھن ڌرتيءَ تي وقتن بوقتن ڌارين، ڪاھ ڪري سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ ذريعي سندس سونھن وڃائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي ته ٻئي پاسي ڌرتيءَ جا حلالي پٽ سدائين ميدان عمل ۾ رھي پنھنجي ڌرتيءَ ماءُ جي حفاظت ڪندا رھيا آھن. ڪوئي وڙھندي وڙھندي ڌرتيءَ تان قربان ٿي ويو ۽ ڪن جي سموري حياتي ڌرتيءَ خاطر وڙھندي ۽ ڌرتيءَ واسين جي حقن جي حفاظت ڪندي گذري وئي، ۽ اھي سدائين لاءِ امر ڪردار بڻجي زنده رھيا.
تاريخ جو اھڙو ئي ھڪڙو يگانو ڪردار رسول بخش پليجو جيڪو ساھ جي آخري گھڙيءَ تائين سنڌ جي پاڻيءَ جو ڪيس وڙھندو رھيو، سنڌو درياھ جي وڪيل، سنڌ ۾ عورتن ۽ ٻارن کي سياسي طور منظم ڪرڻ ۽ سنڌ سان ٿيندڙ ھر ويساهه گهاتي خلاف آواز بلند ڪندڙ ڪردار محترم رسول بخش پليجي صاحب جي ستين ورسي جنگشاهيءَ لڳ ڳوٺ منگر خان پليجو ۾ 21 جون تي سندس تنظيم عوامي تحريڪ پاران ملھائي وئي ۽ جلسي عام ۾ سنڌوءَ تي اڏجندڙ ڇھن نون ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف سخت موقف پيش ڪري سنڌ دشمن منصوبن خلاف نعريبازي ڪئي وئي.
اڄ ان جو فڪر ۽ ان جي جدوجھد ان جي ڪارڪنن جي جوش ۽ جذبي ۾ نظر اچي رھي آھي. 21 جون تي جنگشاهي ۾ گڏ ٿيندڙ عوامي سمنڊ فڪر پليجو جو عڪس ھو. ھزارن جي تعداد ۾ عورتون، ٻار، ٻڍا توڙي نوجوان ساڳي ئي جوش ۽ عذم سان ھن تاريخي ملڪ گير جلسي عام ۾ شريڪ ٿيا سندن حوصلا پروگرام جي شروعات کان ختم ٿيڻ تائين ساڳيا ئي رھيا. پنڊال ۾ شريڪ ماڻھن ۾ نظم و ضبط ڏسڻ وٽان ھو ان ۾ مکيه ڪردار عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي رضاڪارن جو ھو جن سمورو وقت بيٺي پنھنجي ذميواري ڀرپور نموني نڀائي. عوامي تحريڪ سنڌ ۽ مظلوم ماڻھن سان ٿيندڙ ظلم ۽ ڏاڍائيءَ خلاف آواز بلند ڪندي رھي آھي ۽ سنڌ دشمن منصوبن کي ننديندي رھي آھي. ھي جلسي عام ڪارپوريٽ فارمنگ، سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ ۽ سنڌو درياءَ مان نڪرندڙ ڌاڙيل واھن خلاف ملڪگير ريفرينڊم ھو، جنھن ۾ ملڪ جي مختلف کاٻي ڌر جي اڳواڻن ۽ اديبن شرڪت ڪري رسول بخش پليجو صاحب جي فڪر کي ساراهيندي عوام کي خطاب ڪيو. ڪانفرنس ۾ ملڪ جي مشهور ڪلاسيڪل رقاصه ميڊم شيما ڪرماني پڻ پنھنجي فن سان استاد کي خراج پيش ڪيو. سنڌياڻي تحريڪ ۽ سنڌي گرلز اسٽوڊنٽ تحريڪ جي ڀينرن پنھنجي قائد کي انقلابي سلامي پيش ڪئي.
ھي سمورو ميڙاڪو عوامي تحريڪ جي مسلسل جدوجھد جو نتيجو ھو، ھن وقت تائين عوامي تحريڪ پنھنجي برادر محاذن جي مدد سان سموري سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ريليون، احتجاج ، بک هڙتالون ڪري سنڌوءَ تي لڳندڙ ڌاڙن خلاف آواز بلند ڪندي رھي آھي صرف سنڌ ئي نه پر عوامي تحريڪ ھڪ ملڪگير تحريڪ ھلائي نوان ماڻهو جوڙي تيار ڪيا آھن. ھن سموري جدوجھد کان پوءِ مخالفن جي الزام تراشي ان ڳالھه جو ثبوت آھي ته اسين انھن کان وڌيڪ جدوجھد ڪري رھيا آھيون، اسان جي جدوجھد عملي آھي فقط ڳالھين جي حد تائين ناھي ۽ جن ماڻھن وٽ فقط ڳالھائڻ جو فن آھي سي الزام ھڻي عملي جدوجھد کي روڪڻ جي سازش ڪري رھيا آھن.
جنگشاهيءَ ۾ سموري سنڌ گڏ ٿي ڪري علي الاعلان ڪيو آھي ته اسين پنھنجي فڪر، پنھنجي قائد ۽ پنھنجي ڌرتيءَ سان سچا آھيون ۽ سنڌ تي لڳندڙ ڌاڙن کي رد ڪيون ٿا. اسين پراميد ۽ پر اعتماد آھيون ته حقيقي انقلاب پُرامن عوامي جدوجهد سان ئي ايندو آھي، يقينن ھر جابر حڪمران جو تختو اونڌو ٿيندو آھي ۽ فتح عوام جي ئي ٿيندي آھي.