پريالو ڀرسان الرا جتوئي خوني تڪرار ٻيهر ڀڙڪي پيو، 2 ڄڻا قتل

پريالو(رپورٽ: عامر صوبل اوڍو ) پريالو ڀرسان الرا جتوئي خوني تڪرار ٻيهر ڀڙڪي پيو، 2 ڄڻا قتل ٿي ويا، پريالو ٿاڻي جي حد ڳوٺ بندائي شيخ وٽ پريالوءِ کان ڳوٺ منشي حيات الرو ويندڙ موٽر سائيڪل سوار 55 ورهين جو ولي محمد الرو ۽ 50 ورهين جو پهلوان الرو کي تاڙ ۾ ويٺل هٿياربندن حملو ڪري فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ اهلسنت والجماعت تعلقه ڪنگري جي صدر حافظ غلام عباس الرو جو وڏو ڀاءُ ولي محمد الرو ۽ سندس سوٽ پهلوان الرو  موقعي تي ئي قتل ٿي ويا، جنهن بعد حملي آور فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، اطلاع تي وارثن واقعي واري هنڌ پهچي مقتولن جا لاش کڻائي پريالوءِ اسپتال پھچايا، جنهن بعد پوليس رورل هيلٿ سينٽر ڳاڙهي موري مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيا، حافظ غلام عباس الرو  ٻڌايو ته جتوئي برادري جي هٿياربندن پيرسنن کي قتل ڪري ظلم ڪيو آھي، اسان ٺاهه لاءِ ڪيترائي ڀيرا ڪوششون ڪيون ۽ هر وقت جتوئي برادري فيصلي کان انڪار ڪندي رهي آهي، ياد رهي ته ڌرين وچ ۾ هلندڙ خوني تڪرار ۾ هن وقت تائين 3 ماڻهو قتل ۽ 4 ڄڻا زخمي ٿيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.