عمران خان سان ملاقات لاءِ علي امين گنڊاپور پاران سپريم ڪورٽ ۾ درخواست

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) وزيراعليٰ خيبرپختونخوا علي امين گنڊاپور، اڳوڻي وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ جي باني عمران خان سانملاقات تي لڳايل پابندي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ آئيني درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.درخواست ۾ مؤقف اختيار ڪيو ويو آهي ته عمران خان سان ملاقات جي اجازت نه ڏيڻ پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 9 (زندگيءَ جو حق)، 10-A (منصفانه ٽرائل جو حق) ۽ 19 (اظهارِ راءِ جي آزادي) جي سڌي ڀڃڪڙي آهي. جڏهن ته  سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس منصور علي شاهه وزيراعليٰ خيبرپختونخوا علي امين گنڊاپور کي مشورو ڏيندي چيو آهي ته توهان عدالت جو غلط دروازو وڄايو آهي، ڇو ته عدالتي (جوڊيشل) پاسي کان اسين ڪجهه نٿا ڪري سگهون. توهان کي گهرجي ته چيف جسٽس يا رجسٽرار سان رابطو ڪريو. ميڊيا سان ڳالهائيندي علي امين گنڊاپور چيو ته اسين ڪيترن ئي ڏينهن کان عمران خان سان ملاقات جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، پر اجازت نه ملي رهي آهي.

ماڻهو غيرجمهوري روين سبب مائنس ٿيندا آهن:راڻا ثناءُ الله

اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار رانا ثناءُ الله چيو آهي ته ماڻهو پنهنجي عملن يا غير جمهوري رويي سبب پاڻ ئي مائنس ٿي وڃن ٿا، ڪنهن جي خواهش سان ڪو به مائنس نٿو ٿئي.جيو نيوز سان ڳالهائيندي، اپوزيشن ميمبرن سان ملاقات کان پوءِ هن  چيو ته سياسي ڳالهين کان انڪار جي ذميواري به اپوزيشن تي عائد ٿئي ٿي. حڪومت هر معاملي تي ڳالهه ٻولهه لاءِ تيار آهي، وزيراعظم قومي اسيمبلي جي فلور تان به اپوزيشن کي کليل آڇ ڪئي هئي.هن وڌيڪ چيو ته وزيراعظم واضح طور چيو آهي ته جيڪڏهن اپوزيشن مون سان نه ويهڻ چاهي ٿي ته اسپيڪر جي چيمبر ۾ اچي، مان پاڻ پنهنجن ساٿين سميت اتي اچي ويندس. جهموريت ڳالهه ٻولهه سان هلي ٿي.

پي ٽي آءِ ۾ اختلاف،جنيد اڪبر ۽ اسد قيصر پاران پارٽي پاليسين کان لاتعلقي

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) خيبرپختونخوا جي صوبائي صدر جنيد اڪبر ۽ اڳوڻي قومي اسيمبلي اسپيڪر اسد قيصر پارٽي جي تازن فيصلن کان پاڻ کي الڳ ڪري ڇڏيو آهي، سندن چوڻ آهي ته جيڪڏهن باني عمران خان جي هدايت ئي موجود نه هئي ته پوءِ بجيٽ پيش ڇو ڪئي وئي؟ جنيد اڪبر هڪ بيان ۾ چيو ته جڏهن عمران خان جون هدايتون ملي ئي نه رهيون آهن ته فيصلا ڪرڻ جو جواز ئي ناهي. عمران خان جو حڪم ۽ پيغام آخري هوندو آهي، ان جي خلاف ورزي ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي.ٻئي طرف پي ٽي آءِ جي سينيئر اڳواڻ اسد قيصر به پارٽي پاليسي کان لاتعلقيءَ جو اظهار ڪندي، عمران خان جي پيغامن بابت به شڪ ظاهر ڪيو آهي،هن چيو ته منهنجو عمران خان سان سڌو رابطو ناهي، تنهنڪري مون کي ڪجهه به خبر ناهي ته فيصلا ڪيئن ٿي رهيا آهن، ۽ مان انهن فيصلن جو حصو ناهيان.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.