گرين ڪارپوريٽ لاءِ رقم رکي عوام سان ويساهه گهاتي ڪئي وئي:عوامي تحريڪ

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، مرڪزي اڳواڻ عبدالقادر رانٽو ۽ علي محمد پرويز پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ سرڪار بجيٽ ۾ گرين ڪارپوريٽ ڪمپنيءَ لاءِ 400 ڪروڙ رکي سنڌي عوام سان ويساهه گهاتي آهي، پيپلز پارٽي کي سنڌ جون زمينون ۽ وسيلا وڪڻڻ جو ڪو به مينڊيٽ ناهي، پيپلز پارٽي گرين ڪارپوريٽ انيشيئٽو ڪمپنيءَ کي زمينون الاٽ ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن واپس وٺي يا حڪومت ڇڏي ڏئي، سنڌ جون زمينون نيلام ڪندڙ وطن فورش ٽولي کي سنڌ جو عوام برداشت نه ڪندو، پيپلز پارٽي ڪارپوريٽ فارمنگ کي زمينون، پاڻي ۽ پئسا جاري ڪرڻ وارا عوام دشمن فيصلا واپس نه ورتا ته پيپلز پارٽي سان جنرل ضياءَ، ايوب ۽ مشرف کان وڌيڪ بدتر حالت ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.