خيرپور (رپورٽ: عبدالمتين مهر) ڪوٽڏيجي ۾ اڄڻ برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ پراڻي سڱاوتي تڪرار ٻيهر رتوڇاڻ ۾ تبديل ٿي ويو، جتي فائرنگ جي نتيجي ۾ امتياز اڄڻ ۽ طالب اڄڻ موقعي تي ئي مارجي ويا، جڏهن ته پنج کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا. جهيڙو پاڻي جي ننڍڙي مسئلي تان شروع ٿيو. پوليس دير سان پهتي، لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا، زخمين کي ڪوٽڏيجي ۽ خيرپور جي اسپتالن ڏانهن روانو ڪيو ويو. علائقي واسين چيو ته پوليس رڳو لاش کڻڻ لاءِ اچي ٿي. اڄڻ برادري قاتلن جي گرفتاري ۽ عبرتناڪ سزا جو مطالبو ڪندي چيو ته امن لاءِ قدم کنيا وڃن. واقعي کان پوءِ علائقي ۾ ڇڪتاڻ برقرار رهي جڏهن ته ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.