واشنگٽن/تل ابيب (شھباز گل) ايران ۽ اسرائيل وچ ۾ جنگ بند ٿي وئي آهي. پرجنگ بند ٿيندي به ايران ڪجهه اهڙا آخري حملا ڪيا جن سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو. چارئي ڌريون هاڻي سڌي يا اڻ سڌي نموني فائربندي جو اعلان ڪري چڪيون آهن. ان جنگ دوران اسرائيل کي ڪيترو نقصان ٿيو؟ 31 ماڻهو مارجي ويا، 1300 کان وڌيڪ زخمي ٿيا جن مان 18 سخت زخمي هئا. اسرائيل جو مالي نقصان به تمام وڏو ٿيو، تقريبا هڪ ارب ڊالر جي اڏاوتن کي نقصان ٿيو. ايران جي ميزائلن هن ڀيري تمام اثرائتا ثابت ٿيا. انهن آمريڪا ۽ اسرائيل جي دفاعي نظام کي به شڪست ڏني ۽ اسرائيل جي زمين تي ڪريا.انهن ايرانين جي ميزائلن اسرائيل جي فوجي ھيڊڪوارٽر، ليب، بجلي گهر ۽ ٻين اهم جڳهن تي حملا ڪيا. ايران جي ميزائلن جي اثرائتيت پهريون دفعو هن حد تائين ظاهر ٿي. هزارين اسرائيلي شهري رات وچ ۾ ملڪ ڇڏي ويا ڇو ته انهن کي ڊپ ھيو تھ ميزائل سندن مٿان به ڪري سگهن ٿا.اسرائيلي شهري جن وٽ ٻين ملڪن جا پاسپورٽ هئا، جلد ئي ملڪ ڇڏڻ شروع ڪري ڇڏيو. ايتري قدر جو آخري ڏينھن ۾ حائفا ۾ جڏھن ميزائل ڪريا تھ اسرائيل اندر سائرن بھ نھ وڳا ۽ اھي ميزائلن کي ڊٽيڪٽ ڪري ئي نھ سگھيا.