ايران جيڪا مدد گهرندو، اها ڏينداسين: روس

ماسڪو (م ڊ) ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي ۽ روسي صدر ولاديمير پيوٽن وچ ۾ ملاقات ماسڪو ۾ جاري آهي. روسي سرڪاري ٽي وي تي نشر ٿيندڙ بيان موجب، صدر پيوٽن ملاقات دوران چيو آهي ته ايران مٿان اسرائيل جي چڙ ڏياريندڙ حملن جو ڪو جواز ناهي.روسي صدر، ايراني پرڏيهي وزير کي مخاطب ٿيندي چيو ته ” مون کي تمام گهڻي خوشي آهي ته توهان اڄ ماسڪو ۾ آهيو، اسان مشڪل موضوعن تي ڳالهايون ۽ حالتن جو ڪو حل ڪڍي سگهون. ان موقعي تي ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو ته ايران جا روس سان تمام ويجها ۽ دوستاڻا لاڳاپا آهن، جيڪي هاڻ ”اسٽرٽيجڪ ساٿ“ ۾ تبديل ٿي چڪا آهن. روس چيو آهي ته ايران کي اسان جي ڪهڙي مدد گهرجي، اهو فيصلو ايران کي پاڻ ڪرڻو آهي. ڇا روس ايران کي ايس 300 ۽ ايس 400 فضائي دفاعي نظام سميت ٻيا هٿيار فراهم ڪندو؟ ان سوال تي ڪريملن ترجمان چيو ته سڀ ڪجهه ان تي ڀاڙي ٿو ته اسان جو ايراني دوست ڇا ٿو چاهي، اسان ٽياڪڙي جي آڇ به ڪئي آهي ۽ پنهنجو موقف واضح ڪيو آهي، جيڪو ايران جي حمايت تي ٻڌل آهي، مستقبل ۾ ايران جي ضرورت موجب فيصلو ڪيو ويندو.ڪريملن ترجمان وڌيڪ چيو ته روس آمريڪي حملن جي سخت مذمت ڪري ٿو ۽ آمريڪا تڪرار ۾ شامل ڌرين جو انگ وڌائي ڇڏيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.