ايراني جوهري ٿاڪن تي حملا گڏيل قومن جي چارٽر جي ڀڃڪڙي آهي\قومي سلامتي ڪميٽي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي سلامتي ڪميٽي ايراني جوهري ٿاڪن تي حملا عالمي قانون، گڏيل قومن جي چارٽر جي ڀڃڪڙي قرار ڏئي ڇڏيا.وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وفاقي وزيرن ۽ عسڪري قيادت شرڪت ڪئي. پڌرائيءَ موجب اجلاس ۾ ايران خلاف اسرائيلي جارحيت کانپوءِ پيدا ٿيل علائقائي صورتحال جو جائزو ورتو ويو ۽ اسرائيلي ڪارروائين جي سخت مذمت ڪئي وئي. قومي سلامتي ڪميٽي چيو ته ايران کي گڏيل قومن جي چارٽر تحت دفاع جو حق حاصل آهي، جڏهن ته ايران جي جوهري ٿاڪن تي حملا عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي ڀڃڪڙي آهن. ڪميٽي جاني نقصان تي ايران جي حڪومت ۽ عوام سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪوششون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. قومي سلامتي ڪميٽي ڳالهين ذريعي مسئلي جو حل ڪڍڻ ۽ عالمي قانونن جي پاسداري جي ضرورت تي زور ڏنو. پاڪستان جي نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي (اين ايس سي) ايران خلاف اسرائيلي ’جارحيت‘ جي مذمت ڪندي چيو آهي ته هي حملا ان وقت ٿيا جڏهن ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ’تعميـري ڳالهيون‘ جو عمل جاري هو. اجلاس کانپوءِ جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي گڏيل قومن جي چارٽر جي مطابق ايران جي ’دفاع جي حق‘ جي حمايت ڪري ٿي.بيان ۾ چيو ويو آهي ته نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي 22 جون تي ايران جي فردو، نطنز ۽ اصفهان ۾ واقع جوهري تنصيبن تي ٿيل حملن کانپوءِ امڪاني طور تي ڇڪتاڻ ۾ واڌ ٿيڻ جي خدشي جو اظهار ڪري ٿي. بيان موجب، ايران جي جوهري هنڌن تي ٿيل حملا بين الاقوامي ايٽامي توانائي ايجنسي، عالمي قانونن ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي ڀڃڪڙي آهن. قومي سلامتي ڪميٽي جي بيان مطابق، پاڪستان لاڳاپيل ڌرين سان رابطي ۾ آهي ۽ علائقي ۾ امن ۽ استحڪام جي ڪوششن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.