حۡڪومت پاران 5 لک ٽن کنڊ درآمد ڪرڻ جي منظوري

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) وفاقي وزير غذائي تحفظ راڻا تنوير حسين جي صدارت ۾ ٿيل شوگر ايڊوائزري بورڊ جي اهم اجلاس۾ 5 لک ٽن کنڊ جي درآمد جي منظوري ڏني وئي آهي، اجلاس ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته شگر مل مالڪن جي من ماني ۽ بي ضابطگي قيمتن جي واڌ جو اهم سبب آهي، کنڊ جي دستيابي ۽ قيمتن تي ضابطو آڻڻ لاءِ سخت مانيٽرنگ ڪرڻ جو فيصلو به ڪيو ويو، وفاقي وزير راڻا تنوير حسين جو چوڻ هو ته ڪجهه ڏينهن اندر درآمدي کنڊ سان لاڳاپيل رسمي ڪارروائيون مڪمل ڪيون وينديون، هن وڌيڪ چيو کنڊ جي قيمتن ۾ استحڪام لاءِ درآمد جو فيصلو اڻٽر بڻجي ويو هو،ملڪ ۾ کنڊ جي فراهمي ۾ گهٽتائي جو سامهون آهي، فوري قدم کنيا پيا وڃن ته جيئن کنڊ جي کوٽ تي ضابطو آڻي سگهجي،درآمدي کنڊ کي جلد مارڪيٽ ۾ آندو ويندو ته جيئن عام ماڻهوءَ کي رليف ملي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.