عالمي برادري جنگ جي اثرن کي معيشيت تائين پکڙجڻ کان روڪي:چين

بيجنگ(م ڊ)چين عالمي برادري تي زور ڏنو آهي ته موجوده جنگ جي اثرن کي عالمي معيشت تائين پکڙجڻ کان روڪڻ لاءِ وڌيڪ مؤثر قدم کنيا وڃن،چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان گو جياڪُن الجزيره کي جاري بيان ۾ چيو ته نار علائقو ۽ ان سان لاڳاپيل سامونڊي رستا دنيا جي اهم واپاري رستن مان آهن ۽ جنگ جو پکڙجڻ عالمي واپار، توانائي ۽ مارڪيٽن تي خطرناڪ اثر وجهي سگهي ٿو، ترجمان چيو چين ڌرين تي زور ڏئي ٿو ته هو صورتحال کي بار بار خراب ٿيڻ کان بچائين، جنگ جي واڌاري کان سختيءَ سان پاسو ڪن ۽ سياسي حل جي رستي تي واپس اچن، چين جو موقف رهيو آهي ته مسئلا پرامن ۽ ڳالهين ذريعي حل ٿيڻ گهرجن، ڇو ته عالمي سطح تي اڳ ۾ ئي معاشي دٻاءُ ۽ غيريقيني صورتحال موجود آهي، ۽ جنگ جو وڌڻ دنيا لاءِ نئين آزمائش بڻجي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.