ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ڪي ڪي آغا جي عدالت ۾ گورنر هائوس جي تالا بندي خلاف وقتي گورنر اويس قادر شاهه جي داخل ڪيل درخواست تي ٻڌڻي ٿي. عدالت درخواست گذار جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا عدالتي حڪم تي عمل ڪيو ويو آهي؟ ڪامران ٽيسوري جي وڪيل عابد زبيري جواب ڏنو ته وقتي گورنر کي گورنر هائوس جا مڪمل اختيار حاصل نه آهن، پوءِ به کيس داخلا جي اجازت ڏني وئي. عدالتي فيصلي تي عمل ٿي چڪو آهي، تنهن ڪري درخواست هاڻي بي اثر بڻجي وئي آهي، جنهن تي عدالت اويس شاهه جي درخواست اڪلائي ڇڏي. ٻئي پاسي گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري جي وڪيل عابد زبيري سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. هن چيو ته وقتي گورنر اويس قادر شاهه جي درخواست تي اسان کي ٻڌڻ کانسواءِ فيصلو ڏنو ويو.عابد زبيري چيو ته اسان جو موقف هو ته وقتي گورنر کي ڪنهن به گورنر هائوس ۾ داخل ٿيڻ کان نه روڪيو، اويس شاهه کي آئيني خدمتن کان به نه روڪيو ويو. وڪيل الزام هنيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ اسان کي ٻڌڻ کان سواءِ درخواست منظور ڪري ڇڏي، جيڪا قانوني طور نامناسب آهي، تنهن ڪري هاڻ اهو فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو ويندو.
-
ايران تي حملي جو عراق جهڙو بيانيو، تاريخ ورجائي پئي وڃي؟
ڪراچي (م ڊ) جڏهن اسرائيل ۽ آمريڪا ايران خلاف وڌندڙ ڇڪتاڻ ۾ شامل آهن، تڏهن اولهه اڳواڻ اهڙي ٻولي استعمال ڪري رهيا آهن جيڪا 2003ع ۾ عراق تي حملي کان اڳ ٻڌڻ ۾ آئي هئي. الجزيره جي رپورٽ موجب، اڄ ايران خلاف استعمال ٿيندڙ بيانيو بلڪل ان جهڙو آهي جيڪو عراق جنگ وقت جوڙيو ويو هو. 2003 ۾ آمريڪي صدر جارج ڊبليو بش جا چيل هي جملا ته اڄ اسان وٽ هڪ خطرناڪ ۽ جارحاڻي حڪومت کي ختم ڪرڻ جي سگهه وڌيڪ آهي، اسان وٽ نوان هٿيار، حڪمت عمليون آهن ۽ شهرين کي نقصان پهچائڻ کانسواءِ فوجي مقصد حاصل ڪرڻ جي سگهه آهي“ اڄوڪي بيانيي سان هڪ جهڙائي رکن ٿا. هاڻي به اسرائيل ۽ آمريڪا ايران تي الزام لڳائي رهيا آهن ته هو جوهري هٿيار ٺاهڻ جي ويجهو آهي، جڏهن ته ايران پُرامن جوهري پروگرام جو دعويٰ ڪري ٿو. نئتن ياهو گذريل 30 سالن کان بار بار اهو چوندو آيو آهي ته ايران خطري جي حد تي آهي. 2002ع ۾ به نئتن ياهو آمريڪي ڪانگريس کي عراق تي حملي لاءِ قائل ڪيو هو، ۽ ساڳئي وقت ايران بابت به ساڳيا الزام هنيا. 2003ع ۾ عراق تي حملو ڪيو ويو، پر اتي ڪي به خطرناڪ هٿيار نه مليا هئا. 2025ع ۾ به ساڳيو بيانيو ورجايو پيو وڃي، جيڪو 2003ع ۾ تباهي آڻي چڪو آهي. عراق جي جنگ لکين انساني جانين جو خاتمو آندو، آمريڪا جا 4500 کان وڌيڪ فوجي مارجي ويا، ۽ سڄو ملڪ فرقيواري ورهاست جو شڪار ٿي ويو.