اڄ ايران لاءِ آواز نه اُٿاريو ته سڀاڻي اسان لاءِ به ڪو آواز نه اُٿاريندو: بلاول

اسلام آباد (بيورو رپورٽ/م ڊ) پ پ چيئرمين ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي ايران جي جوهري ٺڪاڻن تي آمريڪي حملي جي سخت مذمت ڪندي چيو تهاسرائيل ايران تي ڪوڙ جي بنياد تي حملو ڪيو، جيڪڏهن اڄ اسان ايران لاءِ آواز نه اُٿاريو ته سڀاڻي اسان لاءِ به ڪو آواز نه اُٿاريندو. هن چيو ته اسرائيل ايراني فوجي قيادت کي ان وقت نشانو بڻايو، جڏهن هو جنگ جي ميدان ۾ نه پر پنهنجي گهرن ۾ ستل هئا، ايراني سائنسدانن، ميڊيا جي نمائندن ۽ صحافين کي به نشانو بڻايو ويو. اڳوڻي پرڏيهي وزير چيو ته ايران جي جوهري ٿاڪن تي حملو عالمي قانونن جي سڀ کان وڏي ڀڃڪڙي آهي. هن چيو ته جيڪڏهن انهن جوهري ٿاڪن تي حملي جي نتيجي ۾ تابڪاري پکڙجي وڃي ها ته ان جو نقصان رڳو ايران تائين محدود نه رهي ها، پر ان جا اثر سڄي علائقي سميت پاڪستان تائين پهچن ها.بلاول ڀٽو جو چوڻ هو ته اسرائيل آمريڪي عوام کي زبردستي جنگ ۾ ڌڪڻ چاهي ٿو، جڏهن ته آمريڪي عوام ان جنگ جي مخالفت ڪري رهيو آهي.هن چيو ته پهريان بلڪل اهڙي ئي ڪوڙي دعويٰ عراق بابت ڪئي وئي، هاڻي ايران بابت به اهو ئي چيو پيو وڃي ته انهن وٽ وڏي پيماني تي تباهي ڦهلائڻ وارا هٿيار موجود آهن. بلاول ڀٽو ٻي عالمي جنگ تي لکيل هڪ نظم جو حوالو ڏيندي چيو ” پهريان هو فلسطيني عوام پٺيان آيا پوءِ لبنان، پوءِ يمن ۽ هاڻ ايران جي، جيڪڏهن اسان اڄ به آواز نه اُٿاريو ته جڏهن هو اسان پويان ايندا ته اسان لاءِ به ڪو آواز اُٿارڻ وارو نه هوندو.“ هن جو چوڻ هو ته خطي ۾ اسرائيلي حڪومت جي جارحيت کي روڪڻ ضروري آهي. بجيٽ تي ڳالهائيندي چيئرمين پيپلز پارٽي چيو ته هو حڪومت جي وفاقي بجيٽ جي حمايت ڪري ٿو، وزيراعظم، وزير خزانو ۽ پرڏيهي وزير جا شڪريو ادا ڪيان ٿو ته هنن هن ڀيري بجيٽ تي پيپلز پارٽي کي شامل ڪيو، جيڪو هڪ سٺو قدم آهي. هن چيو ته اهو سٺو آهي ته حڪومت هن ڀيري پگهارن ۽ پينشن ۾ واڌ ڪئي، پر اسان چاھيو پيو ته پگهارن ۽ پينشن ۾ وڌيڪ واڌ ڪئي وڃي.چيئرمين پيپلز پارٽي چيو ته ڪجهه خواهشون هيون جيڪي اسان بجيٽ ۾ حاصل نه ڪري سگهون. اسان چاھيون ٿا ته پي ايس ڊي پي ۾ ڏکڻ پنجاب کي پنجاب جو 30 سيڪڙو حصو ڏنو وڃي، ۽ چاھيون ٿا ته بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا کي وفاقي حڪومت طرفان فنڊنگ جي صورت ۾ مدد ملي. هن چيو ته اسين جڏهن پي ٽي آءِ جي ميمبرن سان زراعت بابت ڳالهايون ٿا ته چون ٿا قيديءَ کي آزاد ڪيو، اسين چئون ٿا ته دهشتگردن سان مقابلو ڪرڻو آهي، ته به چون ٿا قيديءَ کي آزاد ڪيو، اسين چئون ٿا ڀارت سان جنگ وڙهڻي آهي، ته به چون ٿا قيديءَ کي آزاد ڪيو.  اوهان جي ورڪرن جو اهو مطالبو ٿي سگهي ٿو، پر ٻين لاءِ اهو مطالبو ناهي. منهنجي اپيل آهي ته پي ٽي آءِ جا اڪثر ميمبر عوامي مسئلن کي به اجاگر ڪن… پنهنجي تقرير دوران پاڪ-ڀارت ڇڪتاڻ واري معاملي ڳالهائينيدي بلاول ڀارت وٽ ٻه رستا آهن، يا ته هو سنڌ طاس معاهدي کي مڃي نه ته جيڪڏهن ڊيم يا ڪئنال ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندو ته پوءِ پاڪستان جنگ ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.