ٽرمپ کي نوبل لاءِ نامزد ڪرڻ انسانيت سان مذاق آهي: ڪاشف سعيد شيخ

ڪراچي/ڪنڊيارو (پ ر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو آهي ته ايران تي آمريڪا جو حملو کليل دهشتگرديآهي، او آءِ سي کي اجلاس گهرائي ايران سان عملي يڪجهتي ڏيکارڻ گهرجي. ڪنڊيارو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته قاتل ٽرمپ کي نوبل انعام لاءِ نامزد ڪرڻ انسانيت سان مذاق آهي. سندس چوڻ هو ته پ پ حڪومت سنڌ ۾ بدامني، ڌاڙيلن ۽ اغوا جي واقعن تي ڪنٽرول ۾ ناڪام وئي آهي، جنهن مان لڳي ٿو ته حڪومت سنجيده ئي ناهي. هن وفاقي بجيٽ تي تنقيد ڪندي چيو ته اها غريب عوام لاءِ نه پر اميرن جي عياشين لاءِ آهي، غريبن تي نوان ٽيڪس، جڏهن ته اشرافيه کي سهولتون مليون آهن. هن مورو واقعي ۾ جتوئي خاندان خلاف ڪوڙن ڪيسن جي مذمت ڪئي ۽ چيو ته حڪمرانن جي غلاماڻي پاليسيءَ سبب ملڪ بدحالي جو شڪار آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.