لنڊن(م ڊ)شهيد مرتضيٰ ڀٽو جي نياڻي،ناليواري ليکڪه ۽ ڪالم نگار فاطمه ڀٽو چيو آهي ته ايران تي بمباري ڪري آمريڪي صدر ٽرمپ آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي،ايران تي حملي ۾ آمريڪي صدر ٽرمپ نسل ڪش اسرائيل جو ساٿ ڏنو،آمريڪي صدر پنهنجي حڪومتي ايوان جي مرضي کان بغير ايران تي حملو ڪيو،سوشل ميڊيا تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته ڇا پاڪستان نوبل امن انعام لاءِ ٽرمپ جي ڪيل نامزدگي جي درخواست تان هٿ کڻندو؟