ٽرمپ ڀروسي جوڳو ناهي،نوبل انعام لاءِ نامزدگي شرمناڪ آهي:مليحه لوڌي

اسلام آباد(م ڊ) اڳوڻي سفارتڪار ڊاڪٽر مليحه لوڌي چيو آهي ته ٽرمپ جي ڳالهين تي ڪير اعتبار نه ڪندو،اهو چوڻ ته آمريڪا جيان قدم سان امن قائم ٿيندو اهو نسورو ڪوڙ آهي،اهي چاهين ته ايران کي ڊيڄاري ڌمڪائي ان کي سرينڊر لاءِ چون، هن چيو ته ايران ڪڏهن به هٿيار ڦٽا نه ڪندو،آمريڪا ايران کي ڳالهين جي بهاني دوکو ڏنو آهي، پهريون ڀيرو ٻن ايٽمي طاقتن هڪ غيرايٽمي ملڪ تي حملو ڪيو آهي، هن چيو ته ٽرمپ کي امن جي نوبل انعام لاءِ نامزد ڪرڻ اها نااهلي جي علامت آهي، پاڪستاني عوام ڪڏهن به ان جي حمايت نه ڪندو،ٽرمپ غزا ۾ نسل ڪشي جي حمايت ڪئي،اهڙي شخص کي توهان امن جو پيامبر چئو ٿا،هن وچ اوڀر کي تباهي ڪناري پهچائي ڇڏيوآهي،هن چيو ته اهو شرمناڪ فيصلو هو،پاڪستان حڪومت کي ان فيصلي تي قوم کان معذرت ڪرڻ گهرجي،پاڪ انڊيا جنگ کي آمريڪا ناهي روڪيو،اسان جي ايٽمي پروگرام سبب اها جنگ نه وڌي سگهي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.