اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف، ايراني صدر مسعود پزشڪيان سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري ايران سان پاڪستان جي ايڪي جو اظهار ڪيو ۽ آمريڪي حملن جي مذمت ڪئي ۽ قيمتي جاني نقصان تي تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس موجب، شهباز شريف چيو ته ايران تي آمريڪا جا حملا عالمي قانون ۽ آءِ اي اي اي جي اصولن جي ڀڃڪڙي آهن، ۽ ڳالهه ٻولهه ئي اڳتي وڌڻ جو رستو آهي. هن ايراني ايٽمي سهولتن کي نشانو بڻائڻ تي ڳڻتي ظاهر ڪندي گڏيل اسلامي اتحاد جي ضرورت ۽ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ گڏيل ڪوششن تي زور ڏنو. ايراني صدر پاڪستان جي حڪومت، عوام ۽ فوجي قيادت طرفان ايڪي تي ٿورا مڃيا. ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ويجهو رابطو برقرار رکڻ ۽ امن جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ٿيو. ٻئي پاسي پاڪستان، ايران جي ايٽمي ٺڪاڻن تي آمريڪي حملن جي سخت مذمت ڪندي انهن کي اسرائيلي جارحيت جو تسلسل قرار ڏنو آهي. پرڏيهي کاتي جي ترجمان بيان ۾ چيو ته اهي حملا عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي کليل ڀڃڪڙي آهن. ايران کي پنهنجي دفاع جو حق حاصل آهي. ترجمان موجب، جارحيت سبب خطي ۾ ڇڪتاڻ ۽ پرتشدد رجحان ۾ غيرمعمولي واڌ ٿي آهي، جيڪا نه رڳو علائقائي پر عالمي امن لاءِ به خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته بحران کي فوري طور تي ختم ڪرڻ، بيگناهه شهرين جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ، ۽ سڀني ڌرين پاران عالمي قانونن ۽ انساني همدردي جي اصولن جي پاسداري ضروري آهي. ترجمان زور ڏنو ته ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري ئي خطي جي تڪرارن جو پرامن ۽ واحد حل آهن.