لاهور/واشنگٽن ( معظم فخر) ايران تي حملو ٽرمپ جي ڳچيءَ ۾ پئجي ويو آهي ۽ لکين ماڻھو آمريڪا جي مختلف رياستن شڪاگو، فلوريڊا، لاس اينجلس، نيو يارڪ ۽ اڃان تائين واشنگٽن ڊي سي جي گهٽين ۾ نڪري آيا آھن ۽ انهن نه رڳو ايران تي حملو جي سخت مذمت ڪئي آهي پر انهن جو چوڻ آهي ته ٽرمپ کي اسان جي نالي تي جنگ شروع ڪرڻ جو ڪو اختيار ناهي، ڊيموڪريٽ سينٽرز هجن يا ريپبلڪن ڪانگريس جا ميمبر، ڊونلڊ ٽرمپ تي نه رڳو سخت تنقيد ڪئي وئي آهي پر ڪيترن ئي ميمبرن ايران تي ٿيندڙ حملي کي آمريڪي آئين جي خلاف قرار ڏيندي ٽرمپ جي خلاف مواخذو آڻڻ جو به اعلان ڪيو آهي،ايران ۾ بي ٽو بمبار پاران ڪيرايل بمن جي لوڏن ۾ ھاڻِ ٽرمپ جو تخت بھ لڏي رھيوآھي. سينٽر برني سينڊرز ۽ سندس ساٿين، ڪانگريس جي مختلف ميمبرن ٽرمپ جي خلاف جنگ جو اعلان ڪيو آهي ۽ سڄي آمريڪا ۾ عوام روڊن تي نڪري آيوآھي اھي نعرا هڻي رهيا آهن: “ٽرمپ مسٽ گو”، “نو وار ان آور نيم” – يعني "هي جنگ اسان جي نالي تي نه ٿيڻ گهرجي”۔ هاڻ ڏسڻو آهي ته هن صورتحال ۾ سياسي دٻاءُ ٽرمپ تي ڪهڙي طرح وڌي ٿو. مختلف ڪانگريس ميمبرن ۽ سينٽرز جو چوڻ آهي ته ٽرمپ ايران تي حملو ڪرڻ کان اڳ نه ته ڪانگريس کان اجازت ورتي ۽ نه ئي ڪا قرارداد پيش ڪئي.