تهران / تل ابيب/واشنگٽن (م ڊ + ع آ نيوز) آمريڪا پنهنجي جديد ترين B-2 بمبار جهازن سان ايران جي ٽن ايٽمي ٿاڪن فردو، نطنز ۽ اصفهان کي نشانو بڻايو آهي ۽ آمريڪي صدر اعلان ڪيو آهي ته حملي ۾ فردو وارو ايٽمي پلانٽ مڪمل طور تباهه ڪيو ويو آهي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته آمريڪي جهازن ايران جي ٽن ايٽمي ٿاڪن تي حملو ڪيو، جن ۾ فردو، نطنز ۽ اصفهان ۾ موجود نيوڪليئر ٿاڪ شامل آهن. پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي حملي بابت تفصيل شيئر ڪندي هن چيو ته ايران جي ٽن ايٽمي ٿاڪن تي ڪامياب حملو مڪمل ڪيو ويو آهي، آمريڪي فضائيا ايران جي ٽن اهم ايٽمي مرڪزن تي ڪامياب حملا ڪيا ۽ فردو واري ايٽمي پلانٽ کي مڪمل طور تباهه ڪيو ويو آهي. سندس چوڻ هو ته فردو جي ايٽمي مرڪز تي بمن جو مڪمل پي لوڊ ڪيرايو ويو، جنهن سان ان اهم جوهري سائيٽ کي سخت نقصان پهتو آهي. آمريڪي صدر ان ڪارروائي کي دنيا جي سڀ کان پيشيوراڻي ۽ ڪامياب فضائي حملن مان هڪ قرار ڏنو آهي ۽ چيو ته دنيا جي ڪنهن به ٻي فوج وٽ اهڙي آپريشن جي صلاحيت ناهي. هن پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اها هڪ شاندار ڪاميابي آهي، جنهن جو سهرو اسان جي بهادر آمريڪي فوجين ڏانهن وڃي ٿو، هاڻ وقت آهي ته اسان امن ڏانهن قدم وڌايون. ڊونلڊ ٽرمپ خبردار ڪندي چيو ته جيڪڏهن ايران نه مڙيو ته ٻيهر حملو ڪنداسين. اسرائيل جي گڏيل قومن ۾ سفير ڊيني ڊينن آمريڪي حملي تي ردعمل ڏيندي چيو ته ‘صدر ٽرمپ جو شڪريو، جن ايران کي ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ تاريخي فيصلو ڪيو. اڄ صدر ٽرمپ ثابت ڪيو ته هاڻ ٻيهر ڪڏهن نه رڳو نعرو نه، پر هڪ عملي پاليسي آهي. آمريڪا جي دفاع واري وزير پيٽ هيگسيتھ ايران تي آمريڪي حملي کان پوءِ آچر ڏينهن دفاع واري کاتي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته هن حملي جو مقصد ايران جي جوهري صلاحيتن کي تباهه ڪرڻ هو. ايران جي ايٽمي ٿاڪن تي حملي کانپوءِ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته هاڻ يا ته امن ٿيندو يا وري ايران لاءِ هڪ وڏو سانحو.واشنگٽن ۾ تقرير ڪندي صدر ٽرمپ چيو ته هدف سڀ کان ڏکيا هئا، ڪيترائي هدف اڃا به بچيل آهن، جيڪڏهن امن قائم نه ٿيو ته اسان ٻيهر صحيح نشاني سان انهن باقي هدفن ڏانهن وينداسين.صدر ٽرمپ چيو ته ايران کي هاڻ امن قائم ڪرڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ته ايندڙ حملا تمام سخت هوندا، هاڻ يا ته امن ٿيندو يا ايران لاءِ وڏو سانحو ٿيندو.سندس چوڻ هو ته مان اسرائيلي وزيراعظم جا ٿورا مڃان ٿو ۽ کيس مبارڪباد پيش ڪيان ٿو، اسان هڪ ٽيم طور ڪم ڪيو ۽ اسرائيل کي پيش خطري کي ختم ڪيو، اسرائيلي فوج جيڪو شاندار ڪم ڪيو آهي، ان تي به مان ٿورائتو آهيان. "آمريڪا پاران ايراني جوهري تنصيبات کي نشانو بڻائڻ کان پوءِ ايران اسرائيل تي درجنين بيلسٽڪ ميزائل فائر ڪيا، جن ۾ خيبر ميزائل به شامل هو . ايران اسرائيل تي تھرڊ جنريشن خيبر ٽوڙميزائلن سان حملي جي وڊيو جاري ڪري ڇڏي آهي. ايراني ميڊيا جي مطابق، ايران آچر جي صبح اسرائيل تي ٿيل حملي ۾ پهريون ڀيرو خيبرشڪن ميزائل استعمال ڪيا، جيڪي 4 ٽن 500 ڪلوگرام وزني، ساڍا 10 ميٽر ڊگها آهن۔ هن ميزائل جو قطر 80 سينٽي ميٽر ۽ وارهيڊ جو وزن 500 ڪلوگرام آهي.اسرائيلي اخبار مطابق، ايراني ميزائل حملي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 86 اسرائيلي زخمي ٿيا، جڏهن ته 2 عمارتون مڪمل طور تي تباهه ٿي ويون۔. پاسداران انقلاب جو چوڻ آهي ته هن حملي ۾ ميزائل پهرين ڪريا، جڏهن ته سائرن بعد ۾ وڳا، ۽ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته وڌيڪ خطرناڪ ميزائل اڃا استعمال ٿيڻ باقي آهن۔ ايران اسرائيل تي 40 ميزائل هڻي ڇڏيا آهن. تازن اسرائيلي حملن ۾ ايراني صوبي لرستان سان واسطو رکندڙ ناليواري ڪراٽي رانديگرياڻي هيلينا غولامي شهيد ٿي وئي. ايراني ڪراٽي فيڊريشن هيلينا غولامي جي شهادت جي تصديق ڪندي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.هيلينا غولامي نه رڳو ڪراٽي جي ماهر رانديگرياڻي هئي پر نوجوانن لاءِ هڪ رول ماڊل طور به سڃاتي ويندي هئي.ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته آمريڪا ايران جي ايٽمي ٿاڪن تي حملو ڪري ريڊ لائن اورانگهي ورتي آهي، اسان کي جواب ڏيڻ جو حق حاصل آهي ۽ ضرور جواب ڏنو ويندو، اسان جي جواب جو انتظار ڪيو.استنبول ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ايراني پرڏيهي وزير چيو ته آمريڪا پنهنجي جارحيت جي نتيجن جو ذميوار آهي، گڏيل قومن جي قانونن مطابق ايران کي جوابي ڪارروائي جو مڪمل حق حاصل آهي، تهران پنهنجي سلامتي، مفادن ۽ عوام جي تحفظ لاءِ سمورا اختيار محفوظ رکي ٿو ۽ ايراني هٿياربند فوج مڪمل الرٽ آهي.