خواجا آصف پاران آمريڪا بابت پرڏيهي پاليسي ۾ تضاد جو اعتراف

اسلام آباد(م ڊ)دفاع واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته غزا واسين ۽ ايران جي مزاحمت اسرائيل کي وائکو ڪري ڇڏيو آهي،عالم اسلام اندرکان ٻري رهيو آهي،مسلم دنيا ۾ احتجاج هلي رهيو آهي،هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته آمريڪا ۾ به احتجاج ٿي رهيو آهي،ايران اسان جو پاڙيسري ملڪ آهي،ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته اسان انهن سان گڏ آهيون،هن چيو ته ٽرمپ جي فيصلي ۾ تضاد نظر اچي رهيو آهي،اعتراف ڪريان ٿو ته اسان ٽرمپ کي نوبل انعام لاءِ نامزد ڪيو،اسان پاڪ هند لاڳاپن جي تناظر ۾ هن کي نامزد ڪيو،اسان چئي رهيا آهيون ته ٽرمپ پاڪ هند جنگ بند ڪرائي آهي،ڀارت ان ڳالهه کان انڪاري آهي،هن چيو ته آئون سڀني ڳالهين سان اتفاق ڪريان ٿو،24 ڪلاڪن ۾ حالتون اوچتو تبديل ٿيون آهن،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.