هائبرڊ نظام جو ”فخريه اعتراف“ جمهوريت لاءِ جدوجهد ڪندڙن کي مايوسي؟

اسلام آباد(قربان بلوچ) خواجا آصف ھڪ نئون پينڊورا باڪس کوليندي ماضي قريب جي ھڪ جمھوري اڳواڻ جي جدوجھد تي پاڻي ڦيري ڇڏيوآھي.۽ اھو تسليم ڪيوآھي تھ ھي موجودھ نظام جمھورينھ پر ھائبرڊ نظام آھي  ۽ معجزي وانگر ڪم ڪري رھيوآھي.ھي ڊي فيڪٽو سسٽم ڪمال ڪري رھيوآھي.90 ع کان اگر ھي نظام ھجي ھا تھ ملڪ جون حالتون تمام بھتر ھجن ھا،سو خواجا آصف جي بيان مان اھو چٽو اشارو ملي ويوآھي تھ ھاڻي ملڪ کي حقيقي جمھوريت جي گھرج ناھي ھائبرڊ ماڊل ھلي رھيوآھي ۽اڳتي بھ ھلندو رھندو.سو ھي نظام ن ليگ، پ پ پ، ايم ڪيو ايم سميت ٻين ڌرين لاءِ خوشي جو باعث آھي. سو ڪھڙي گھرج آھي جمھوريت جي چونڊن جي فارم 45 يا 47  تي مٿو کپائڻ جي؟اسلام آباد ۾ اھي ڳالھيون ھلي رھيون آھن تھ ھاڻي ايندڙ چونڊن ۾ فارم 45 يا 47 وارا خفا نھ ھوندا جيڪو نئون نظام ھوندو اھو في الحال راز آھي. خواجا آصف مطابق اسٽيبلشمنٽ ، عوام جي چونڊيل نمائندن  ۽ سويلين قيادت  گڏجي ھڪ نئون نظام متعارف ڪرايوآهي،سو جيڪي شيون ٿي رھيون آھن سڀ مشاورت سان ٿي رھيون آهن.سو جيڪا  قيادت ملڪ بدر ٿي جدوجھد ڪيائين جيلون ڪاٽيون يا بينظير ڀٽو شھيد جيل ڀوڳيو جلاوطن ٿي ايتري قدر جو شھيد ٿي وئي يا ھزارين سياسي ڪارڪنن جيلن جون سختيون سٺيون اھي سڀ خواجھ آصف جي بيان مطابق غلط ھئا.

نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز، سومر 23 جون 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.