تهران(م ڊ) ايران جي آمريڪي حملن جي سخت حملن جي مذمت ڪندي چيو آهي ته آمريڪي حملن سان خطي ۾ صورتحال وڌيڪ خراب ٿي ويندي. چين جي پرڏيهي وزارت چيو آهي ته چين، ايران ۽ بين الاقواميجوهري توانائي ايجنسي جي نگراني هيٺ موجود جوهري اڏن تي آمريڪا جي حملي جي سخت مذمت ڪري ٿو. برطانوي خابرو اداري مطابق، چين جي پرڏيهي وزارت پنهنجي ويب سائيٽ تي جاري بيان ۾ چيو ته آمريڪا جو هي قدم گڏيل قومن جي چارٽر جي سنگين ڀڃڪڙي آهي ۽ اهو وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ کي وڌيڪ وڌائي ٿو. وزارت چيو ته چين سڀني ڌرين، خاص طور تي اسرائيل تي زور ڏئي ٿو ته هو فوري طور تي حملن کي بند ڪري ۽ ڳالهين ۽ مزاڪرات جي شروعات ڪري. سعودي عرب جي پرڏيهي وزارت سوشل ميڊيا پليٽفارم "ايڪس” تي جاري ڪيل بيان ۾ آمريڪا پاران ايران جي ايٽمي ٿاڪن تي حملن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. وزارت موجب، سعودي عرب صبر، ڇڪتان کي گهٽائڻ ۽ حالتن کي وڌيڪ خراب ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش تي زور ڏئي ٿو. وينزويلا ايران خلاف آمريڪي فوجي جارحيت جي سخت مذمت ڪري ٿو ۽ فوري طور تي دشمني بند ڪرڻ جو مطالبو ڪري ٿو۔ بوليويرين جمهوريه وينزويلا اسرائيل جي درخواست تي ايران جي جوهري اڏن تي آمريڪي بمباري جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو. ميڪسيڪو جي پرڏيهي وزارت وچ اوڀر ۾ شامل ڌرين کي امن لاءِ فوري سفارتي ڳالهين جي شروعات جو مطالبو ڪيو. سوشل ميڊيا پليٽفارم "ايڪس” تي بيان ۾ لکيو ويو ته اسان جي پرڏيهي پاليسي جي آئيني اصولن ۽ امن پسند سوچ جي بنياد تي اسين خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ جي پنهنجي مطالبي کي ورجايون ٿا. خطي جي ملڪن وچ ۾ پرامن گڏيل زندگيءَ جي بحالي اسان جي ترجيح آهي. ڪيوبا جي صدر ميگوئل ڊياز ڪينيل ايڪس تي لکيو آهي ته اسين ايران جي جوهري ٿاڪن تي آمريڪي بمباري جي سخت مذمت ڪريون ٿا، جيڪا وچ اوڀر ۾ خطرناڪ حد تائين ڇڪتاڻ وڌائي رهي آهي. ڪنهن به قسم جي جارحيت گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانون جي سنگين ڀڃڪڙي آهي ۽ اها انسانيت لاءِ ناقابلِ تلافي نتيجا پيدا ڪري سگهي ٿي. آسٽريليا ۽ نيوزي لينڊ به وچ اوڀر جي تازي حالتن تي ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي. ٻئي طرف، برطانوي وزيراعظم ڪئئر اسٽارمر چيو ته هو ايران تي آمريڪي حملي ۾ شامل نه هو. ايران جو جوهري پروگرام عالمي سلامتي لاءِ هڪ وڏو خطرو آهي۔ ايران کي ڪڏهن به جوهري هٿيار ٺاهڻ جي اجازت نه ملڻ کپي، ۽ آمريڪا جو هي قدم انهي خطري کي گهٽائڻ لاءِ کنيو ويو آهي۔ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس ايراني جوهري ٿاڪن تي آمريڪي حملن جي مذمت ڪندي خبردار ڪيو آهي ته وچ اوڀر ۾ اهو تڪرار تيزي سان بي قابو ٿي سگهي ٿو. ايڪس تي پنهنجي ردعمل ۾ گوتريس آمريڪا جا تازا فضائي حملا ڳڻتيءَ جوڳا قرار ڏيندي خبردار ڪيو ته وچ اوڀر ۾ اهو تڪرار تيزي سان قابو کان ٻاهر ٿي سگهي ٿو، جنهن جا عام شهرين، خطي ۽ دنيا تي خطرناڪ اثر پوندا.هن چيو ته مان ايران خلاف اڄ آمريڪا طرفان طاقت جي استعمال تي سخت ڳڻتي ۾ آهيان، اهو عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ سڌي ريت خطرو آهي.