ٽسوري گورنر هائوس جي چاٻي پاڻ سان گڏ کڻي ويو؟ اويس قادر شاھه لاءِ آفيس نه کُلي!

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وقتي گورنر اويس قادر شاھه امن امان جي صورتحال بابت گورنرھائوس ۾ اجلاس طلب ڪيو، وقتي گورنر، آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ۽ ٻين آفيسرن سان گڏ گورنر هائوس پھتو جتي ھائوس جي عملي آفيس نه کولي، جنهن تي وقتي گورنر سنڌ ھاءِ ڪورٽ پهچي پٽيشن داخل ڪرائي، جنهن تي سنڌ ھاءِ ڪورٽ وقتي گورنر اويس قادر شاھ لاءِ آفيس کولڻ جو حڪم ڏنو ۽ گورنر هائوس جي پرنسپل سيڪريٽري کان سومر تي رپورٽ طلب ڪئي، انھي موقعي تي وقتي گورنر اويس قادر شاھه ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته محرم الحرام جي سلسلي ۾ امن امان جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس طلب ڪيو پر ھائوس جي عملي آفيس کي تالا ھڻي دروازا بند ڪري ڇڏيا آھن، ھن چيو ته آئيني ڪم کان نٿو روڪي سگھجي، آفيس کي تالا ھڻڻ عھدي سان مذاق آھي، امن امان بابت اجلاس ۾ رنڊڪون وجھڻ شرمناڪ عمل آھي، گورنر هائوس جو عملو سنڌ حڪومت کان پگھار کڻندو آھي، ماضي ۾ ڪيترائي ڀيرا وقتي گورنر جي عھدي جا اختيار استعمال ڪرڻ کان روڪيندو رھيو آھي، گورنر هائوس جو پورو عملو اٿي ويو ڪوبه نظر نه پيو اچي، ھن وڌيڪ چيو ته آئين جي توھين ٿي آھي آئيني پوزيشن تي ويھڻ واري شخص کي آئين جي پاسداري ڪرڻ نه پئي ڏني وڃي، آئون گورنر هائوس وڃان ٿو ته اھو منھنجو آئيني حق آھي. اڄوڪو اجلاس اعليٰ سطح جو ھو جنھن ۾ آءِ جي سنڌ، گھرو وزير، سي ٽي ڊي سميت ٻين کاتن جا آفيسرن شريڪ ٿين ھا، گورنر ھائوس جي پرنسپل سيڪريٽري ٻڌايو ته گورنر ڪامران ٽيسوري ھائوس جون چاٻيون پاڻ سان گڏ کڻي ويو آھي.

، ھن چيو ته قانون جي پاسداري اسان جي اولين ترجيح آھي، آئون وڏي وزير سيد مراد علي شاھ سان ملاقات ڪندس ۽ ملڪ جي صدر آصف علي زرداري سميت لاڳاپيل اختيارين کي لکندس ته ھي ڪھڙي قسم جو قانون سان مذاق ڪيو پيو وڃي.

اويس قادر شاهه کي غلط فھمي ٿي آھي: گورنر هائوس ترجمان

سڪراچي: گورنر هائوس جي ترجمان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته وقتي گورنر کي صورتحال جي حوالي سان غلط فھمي ٿي آھي،اجلاس ۾ شرڪت لاءِ گھرو کاتي جو سيڪريٽري، آءِ جي، ڊي آءِ جيز سميت ٻيا آفيسر ڪانفرنس روم موجود ھئا. وقتي گورنر اويس قادر شاھ لاءِ خاص آفيس اڳواٽ ئي تيار ڪئي وئي ھئي، جيڪڏهن مرڪزي آفيس استعمال ڪرڻي ھئي ته آگاھ ڪيو وڃي ھا، انتظام ڪري ڇڏيون ھا، گورنر هائوس عوام لاءِ سدائين کليل آھي، اويس قادر شاھ وقتي گورنر آھي پر ذاتي حيثيت ۾ قابل احترام آھي،

وقتي گورنر سان ناروا سلوڪ تي گورنر کي معافي وٺڻ گهرجي. آغا سراج دراني

ڪراچي: سنڌ اسيمبلي جي ميمبر آغا سراج دراني گورنر سنڌ تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته گورنر جي حڪم تي اسٽاف وقتي گورنر اويس قادر شاهه کي آفيس اچڻ کان روڪيو. هن چيو ته اويس شاهه کي روڪي اسپيڪر جي ڪرسيءَ جي بي عزتي ڪئي وئي آهي ۽ گورنر سنڌ کي ان معاملي تي معافي وٺڻ گهرجي.

ڪامران ٽيسوري گورنر هائوس کي ذاتي جاگير بڻائي ڇڏيو آهي: سنڌ حڪومت جي ترجمان

ڪراچي: سنڌ حڪومت جي ترجمان سعديا جاويد چيو ته وقتي گورنر آئيني طور صوبيجو سربراهه هوندو آهي ۽ کيس گورنر هائوس استعمال ڪرڻ لاءِ ڪا به اڳواٽ اجازت جي ضرورت نه هوندي آهي. هن الزام هنيو ته ڪامران ٽيسوري زمينن تي قبضو ڪرڻ کان پوءِ هاڻ گورنر هائوس تي به قبضو ڪري ڇڏيو آهي. ترجمان چيو ته ڪمران ٽيسوري اها ڳالهه وساري ويٺو آهي ته هو هاڻ ايم ڪيو ايم جو ميمبر نه پر صوبي جو گورنر آهي. هن وڌيڪ چيو ته آئيني عهدي جو احترام نه ڪرڻ افسوسناڪ عمل آهي.

ڪامران ٽيسوري پاران پرنسپل سيڪريٽري کي معاملي جي انڪوائري جي هدايت

ڪراچي: گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري آفيس کي تالا لڳڻ واري معاملي جو نوٽيس وٺندي پرنسپل سيڪريٽري کي اڄ تائين انڪوائري ڪري رپورٽ ڏيڻ جي هدايت ڪئي، ترجمان موجب گورنر هائوس عوام لاءِ سدائين کليل آھي، اويس قادر شاھ وقتي گورنر آھي پر ذاتي حيثيت ۾ قابل احترام آھي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.